حضرت علي عه جي شهادت جو ڏهاڙو

تحرير: شاهه خالد ڏاتاري

حضرت امام علي عليه السلام جن جي ولادت باسعادت خانه ڪعبته الله ۾ ٿي انھيءَ ڪري کين مولودِ ڪعبه سڏيو ويندو آهي. سندس والد گرامي حضرت ابو طالب عليه السلام والده ماجده بيبي فاطمه سلام الله عليھا بنت اسد، سندن سؤٽ حضرت محمد صه، شريڪِ حيات حضرت بيبي فاطمته الزهره سلام الله عليھا، فرزندن ۾ حضرت امام حسن عليه السلام، مظلوم ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام، نياڻيون جنابِ زينب سلام الله عليھا ۽ سيده اُمِ ڪلثوم سلام الله عليھا، بيبي رقيه سلام الله عليھا. حضرت امام علي عليه السلام جن جي ولادت باسعادت 13 رجب 30 عام الفيل مطابق سن 600 عيسوي جمع جي ڏينھن خانه ڪعبه ۾ ٿي. پاڻ ٻنھي طرفان هاشمي هئا. سندن لقب اميرالمؤمنين، مرتضيٰ، حيدرِڪرار، ولي الله، اسد الله، نورالله، نفس الله، ساقي ڪوثر، فاروقِ اعظم، صديقِ اڪبر ڪنيت ابوالحسن، ابو تراب مشھور آهن.

حضرت امام علي عليه السلام جن جي باري ۾ حديث مڪه، حديث نور، حديث خيبر ۽ حديث خندق وغيره گهڻيون مشھور آهن. حضرت امام علي عليه السلام جن هن دنيا تي سڀ کان پهرين حضور اڪرم صه جن جي زيارت ڪئي. اڄ ڏينھن تائين ٻي ڪا به اهڙي شخصيت خانه ڪعبه ۾ پيدا نه ٿي آهي. سرڪارِ مدينه فرمايو ته آئون علم جو شھر آهيان موليٰ علي عه ان جو دروازو آهي. حضرت امام علي عليه السلام ممبر تي ويھي فرمائيندا هئا جيڪي ڪجهه پڇڻ چاهيو ٿاپڇو مان زمين کان هيٺ ۽ آسمانن کان مٿي جون خبرون ڄاڻان ٿو. حضرت امام علي عليه السلام جن کي پنھنجي جنگي تلوار ذوالفقار تي بيحد ناز هيو، اها سڀ کان پھرين 17 رمضان 2 هجري ۾ بدر جي ميدان ۾ چمڪي. حضرت امام علي عليه السلام هر جنگ ۾ اسلام جي سر بلنديءَ لاءِ لٿو ۽ ڪڏهن به پنھنجي جان پياري نه ڪيائين.

پاڻ جنگ ۾ ڍال ڪڏهن به نه ٻڌائون هميشه چوندا هئا ته آئون جنگ مان ڀڄڻ وارو ناهيان جو ڍال ٻڌان. ميدانِ جنگ يا ميدانِ علم هجي پاڻ وڏا ماهر هئا. تاريخ ۾ اسلامي جھاد جا عظيم مثال قائم ڪيائون. جنگِ خندق ۾ ڪافرن جي هڪ سردار عمر بن عبود کي پنھنجي طاقت، بھادري، شجاعت تي وڏو ناز هيو. جنگ جي ميدان ۾ عمر بن عبود بلند آواز ٿي للڪاريو ته اڄ روءِ زمين تي مون جھڙو بھادر پيدا نه ٿيو آهي، مان هڪ هزار سوارن جو مقابلو ڪري سگهان ٿو. اڄ مان جنگ جي ميدان ۾ ڪنھن هڪ به مسلمان کي جيئرو نه ڇڏيندس. اي محمد صه ڪو آهي جيڪو منهنجو مقابلو ڪري، اها للڪار ٻڌي حضرت محمد صه حضرت امام علي عليه السلام جن کي پاڻ جنگي تلوار ۽ پيار سان سينگاريو ۽ اجازت ڏيندي فرمايو ته ڪل ڪفر جي مقابلي ۾ ڪل ايمان وڃي رهيو آهي. حضرت امام علي عليه السلام جن جي تلوار هڪ وار ثقلين جي عبادت کان زياده قرار ڏنو ويو آهي. موليٰ علي عليه السلام به ان شان سان جنگ ڪئي ۽ عمر بن عبود جو غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏي. رب العزت حضرت امام علي عليه السلام جن کي نصرت ڪاميابي بخشي.

خيبر جي جنگ جيڪا فتح مڪي کان هڪ سال پوءِ ٿي يعني 7 هجري ۾ خيبر جو قلعو تمام مضبوط ۽ پائيدار رهيو. رسول اڪرم صه جن جي قيادت ٺيڪ 39 ڏينھن مسلمانن جا سپھه سالار جنگ ڪندا رهيا کين ڪا به فتح نصيب نه ٿي. مرحب وڏو پھلوان هيو پر ڪو مسلمان ان کي قتل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو. حضرت محمد صه جن اهو ارشاد پاڪ فرمايو ته سڀاڻي عَلَمُ ان شخص کي ڏنو ويندو جيڪو خدا ۽ خدا جي رسول صه کي عزيز رکي ٿو جنھن جي هٿ تي خدا پاڪ فتح عطا ڪندو. پوءِ چاليھن ڏينهن ۾ مديني مان خاص اميرالمؤمنين حضرت امام علي عليه السلام جن کي گهرايو ويو.

حضرت امام علي عليه السلام جن خيبر جي دروازي کي پٽي اڇلي ڇڏيو ۽ مرحب جي مقابلي لاءِ اڳتي وڌيو. يھودين جي سردار پھلوان هن طرح پنھنجو تعارف ڪرايو ته خيبر مونکي سڃاڻي ٿو مان مرحب آهيان، بھادر ۽ تجربيڪار آهيان ۽ جڏهن جنگ شروع ٿيندي آهي ته مان انتھائي خونخوار ٿي ويندو آهيان. فاتحِ خيبر فرمايو ته منھنجي والده ماجده منھنجو نالو حيدرِ ڪرار رکيو آهي ۽ مان شينھن وانگر گجگوڙ ڪري ڪڙڪندو آهيان ۽ دشمن کي آسانيءَ سان قتل ڪندو آهيان پوءِ مرحب حضرت امام علي عليه السلام جن جي تلوار کان بچي نه سگهيو ۽ مرحب کي ذوالفقار پورن ٻن اڌن ۾ ورهائي ڇڏيو. حضرت امام علي عليه السلام جن خيبر فتح ڪيو. حضرت امام علي عليه السلام جن سمورين جنگين ۾ جيڪي حق ۽ باطل جون لڳيون انهن ۾ پيش پيش هئا. هر جنگ ۾ جان نثاري، بھادري جا جوهر ڏيکاريائون ۽ ڪردار جي لحاظ کان پاڻ وڏا جنرل ها. حضرت عمر رضه فرمايو آهي ته قرآن شريف ۾ اهڙي فضيلت واري آيت نه آهي جنھن ۾ مولا علي عليه السلام نه آهن. جتي به قرآن ۾ اي ايمان وارو پڪاريو ويو آهي انهن ۾ اول مخاطب حضرت علي عليه السلام آهي. حضرت امام علي عليه السلام جن جي شان مبارڪ ۾ 300 آيتون نازل ٿيون (1) اي ايمان وارو توهان جو مالڪ ياسر پرست يا حاڪم صرف خدا ۽ ان جو رسول صه آهي ۽ اهي مومن آهن جيڪي پابندي سان نماز پڙهن ٿا ۽ حالتِ رڪوع ۾ زڪوات ڏين ٿا (سورت مائده)

جمهور مفسرين ان ڳالهه تي متفق آهن ته هي آيت حضرت علي عليه السلام رڪوع جي حالت ۾ منڊي اشارو ڪري فقير کي ڏني زڪوات جي طور تي. حضرت امام علي عليه السلام جن 6 ورهين کان نبي پاڪ صه جن جي وفات تائين ساڻن گڏ رهيا. نبي پاڪ صه پنھنجي زماني ۾ جيڪي 84 جنگيون ڪيون انھن ۾ حضرت امام علي عليه السلام جن پڻ شريڪ ٿيا. حضرت امام علي عليه السلام جن جڏهن 32 ورهين جا ٿيا ته نبي پاڪ صه جن جي رحلت ٿي. جنھن بعد 25 سال سندس حق غضب رهيو. ان بعد حقِ خلافت مليو جنهن جي مدت صرف 5 سال کن هئي. دشمنن جي سازشن ۽ جنگين حضرت امام علي عليه السلام جن کي حڪومت اسلامي جي اصلاح ڪرڻ جي مهلت نه ڏني. ڪافي جنگيون ٿيون جن مان مشھور جنگ حمل، صفين، ۽ جنگ نسوان آهن. انھن حالتن کي منھن ڏيڻ لاءِ اميرالمؤمنين حضرت امام علي عليه السلام مديني کي ڇڏي ڪوفي شھر کي گادي جو هنڌ بنايو.

جڏهن حضرت امام علي عليه السلام جن مسجدِ ڪوفه ۾ داخل ٿيا ته ملعون عبدالرحمان بن ملجم اوچتو مٿن حملو ڪيو ۽ سندن سر مبارڪ مٿان زهريلي تلوار سان وار ڪيو. سندس قاتل کي بعد ۾ پڪڙيو ويو. موليٰ جن فرمايو ته شربت جو گلاس منھنجي قاتل کي پياريو ۽ پنھنجي اولاد کي وصيت ۽ هدايت ڪئي ته منھنجي شھادت  کانپوءِ منھنجي قاتل کي هڪ ئي ضرب هڻجو ۽ مٿس وڌيڪ ڪو به ظلم نه ڪجو. پاڻ شھادت جو شرف حاصل ڪيائون ته سندن فرزندن حضرت امام حسن عليه السلام، حضرت امام حسين عليه السلام ۽ بيبين تمام گهڻو گريو ڪيو. حضرت امام علي عليه السلام جن جي جنازي نماز حضرت امام حسن عليه السلام جن پڙهائي سندس وصيت موجب کين نجف اشرف ۾ تدفين ڪئي وئي. شھادت 21 رمضان جمعي جي ڏينھن صبح سن 40 هجري ڪل عمر 62 ورهيه هئي. حضرت امام علي عليه السلام اول کان آخر تائين پاڪ جھڙو ڪعبو پاڪ آهي. سندن ولادت ڪعبي ۾ ٿي ۽ شھادت مسجدِ ڪوفه ۾ ٿي. اهو شرف ٻئي ڪنهن کي ناهي مليو. پاڻ الله جي گهر مان آيا ۽ الله جي گهر روانا ٿيا.

اهڙي طرح عالمِ اسلام کي دينِ اسلام جي شمع کي جلا بخشيندڙ روشن مينار کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اهي اڄ به هستيون ساڳي جاهه و جلال سان امت مسلم جي مشڪل ڪشائي ڪري رهيون آهن. سندس روضي اقدس تي پوري دنيا جا انسان زيارت ڪرڻ اچن ٿا. 21 رمضان جي ڏهاڙي تي پوري دنيا ۾ مجلسون برپا ڪيون وڃن ٿيون. اڄ پوري دنيا جا مؤمن مولاءِ ڪائنات اميرالمؤمنين حضرت امام علي عليه السلام جن جي يومِ شھادت تي پيرين اگهاڙا، مٿي ۾ خاڪو پائي، ڪارو لباس ڪري، روئي ماتم ڪري غم ۾ غمگين آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.