گوجرانوالا (م ڊ ) ملڪ ۾ 9 مئي واقعن جي ڪيسز جو پهريون فيصلو گوجرانوالا جي عدالت ٻڌائي ڇڏيو آهي.دهشتگردي جي انت واري عدالت جي عورت جج سينٽرل جيل ۾ 9 مئي جي ڪيس ۾ ملوث 51 جوابدارن کي دهشتگردي جي 3 قلمن جي تحت 5-5 سال قيد ۽ 10-10 هزار روپيه ڏنڊ لڳائڻ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.وابدارن ۾ گوجرانوالا مان پي ٽي آءِ جو نئون چونڊيل ايم پي اي ڪليم الله خان به شامل آهي. جوابدارن کي روڊ بلاڪ ڪرڻ، ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ، ماڻهن جو ميڙ جمع ڪرڻ سميت ٻين قلمن جي تحت سزا ٻڌائي وئي.ان موقعي تي سينٽرل جيل جي سيڪيورٽي کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو. جڏهن ته پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي. حساس ٺڪاڻن تي حملا، ڀڃ ڊاهه جو ڪيس 3 مهينن کان جيل ۾ هلي رهيو هو.9 مئي تي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن طرفان احتجاج دوران حساس ٺڪاڻن تي حملا ڪيا ويا هئا مظاهرين جي حملي ۾ هڪ ايس پي سميت 10 پوليس اهلڪار زخمي ۽ هڪ شهري قتل ٿيو هو جڏهن ته 4 گاڏين کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو.ڪينٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي مدعيت ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ هولڊرز سميت 23 نامزد ۽ 3 کان 4 سئو نامعلوم ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ پوليس ملوث 51 جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو.ساڳئي ڪيس ۾ عدالت پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻن شاهه محمود قريشي، مراد سعيد، علي امين گنڊاپور سميت ڪيترن ئي اڳواڻن جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم به ڏئي چڪي آهي. نامزد ڪيترائي اڳواڻ عدالتن مان عبوري ضمانت تي آهن.