گم ٿيل ماڻهن بابت بااختيار ڪميشن جوڙڻ جي ضرورت آهي

سوراب (م ڊِ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد هاشم ڪاڪڙ چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو سنگين مسئلو آهي، ان  حوالي سان بااختيار ڪميشن ٺاهڻ جي ضرورت آهي، صوبي ۾ ترقياتي منصوبن ۾ دير ٿيڻ سراسر خلاف ورزي آهي. ميرٽ ۽ نوڪرين جي خريد و فروخت ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي هي ڌرتي اسان جي ماءُ آهي ان جي تقدس ۽ وقار تي سمجهوتو نه ڪنداسين، عدليه جا دروازا بغير ڪنهن فرق جي سڀني لاءِ کليل آهن، اختيار ورهائڻ جو قائل آهيان، هاءِ ڪورٽ جا جج توهان کي مڪمل بااختيار سمجهو، صوبي جي ڏورانهن علائقن جي عوام کي سندن درن تي انصاف پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ جسٽس محمد هاشم ڪاڪڙ سوراب جي دوري دوران جڊيشل ڪمپليڪس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.  بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته بلوچستان جو عوام محبت جو قائل آهي، هي ڌرتي اسان سڀني لاءِ ماءُ آهي ۽ ان جي حرمت جي حفاظت تي ڪو به سمجهوتو نه ٿو ڪري سگهجي. پنهنجي خطاب ۾ هن رٽائرڊ جسٽس نذير لانگو جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي کيس مثالي جج ۽ سندس دور کي مثالي قرار ڏيندي چيو ته مسئلو اهو آهي ته ان حوالي سان بااختيار ڪميشن جوڙڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.