ٽوبا ٽيڪ سنگهه ( م ڊ ) ٽوبا ٽيڪ سنگهه ۾ ڀيڻ کي قتل ڪندڙ ڀاءُ زيادتي جو اعتراف ڪري ورتو، ٽوبا ٽيڪ سنگهه ۾ قتل ٿيل ماريا جي ڀاءُ فيصل ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي، پوليس موجب جوابدار نه رڳو قتل پر زيادتي جو به اعتراف ڪيو آهي. پوليس پاران ماريا جي پيءُ عبدالستار ۽ ڀاءُ فيصل کي علائقي جي مئجسٽريٽ طلعت جاويد جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.عدالت ٻنهي جوابدارن جو وڌيڪ 4 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو، پوليس موجب جوابدارن فيصل وٽان ماريه سان زيادتي ۽ قتل جو اعتراف ڪيو آهي.ان کان اڳ ماريا جي ٻئي ڀاءُ شهباز انڪشاف ڪيو ته فيصل ۽ عبدالستار ماريا سان جنسي زيادتي ڪندا هئا.پوليس شهباز ۽ سندس گهرواري سميرا کي به گرفتار ڪري ورتو آهي. شهباز ۽ سميرا جا ڊي اين اي نمونا پڻ حاصل ڪيا ويا آهن پر پوليس گرفتاري جي تصديق نه ڪئي جڏهن ته ماريا جي والدين پاران پوليس ٿاڻي آڏو احتجاج ڪيو. ماريا جي ماءُ جو چوڻ هو ته ٻنهي جي ملاقات گذريل رات هڪ وڳي پوليس اسٽيشن تي ٿي، شهباز جي وڪيل ايڊووڪيٽ ظفر چوڌري جو چوڻ آهي ته جاچ دوران انڪشاف ٿيو آهي ته ٻئي جوابدار ماريا جي قتل ۾ برابر جا شريڪ آهن.