جوبائيڊن شهباز کي مبارڪ ڏيڻ بدران انساني حقن جو معاملو اٿاري ڇڏيو

اسلام آباد(م ڊ) آمريڪي صدر جوبائيڊن وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي گڏ هلڻ جي خاطري ته ڪرائي آهي پر خط ۾ مبارڪ نه ڏيڻ سبب ڪيترائي سوال اٿي ويا آهن. بائيڊن پنهنجي خط ۾ شهباز شريف کي اليڪشن کٽڻ تي مبارڪباد نه ڏني آمريڪي صدر جو بائيڊن وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي پاڪستان سان گڏ بيهڻ جو يقين ڏياريو آهي. جڏهن ته وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ شهباز شريف کي مليل ان پهرين خط ۾ آمريڪي صدر پاڪستاني  وزيراعظم کي اليڪشن کٽڻ تي مبارڪباد نه ڏني. جيتوڻيڪ ڪجهه پاڪستاني ٽي وي چينلن دعويٰ ڪئي آهي ته جوبائيڊن شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني آهي، اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني طرفان جاري ڪيل خط جي متن ۾ ڪنهن به مبارڪباد جو ذڪر ناهي. عمران دور ۾ لاڳاپا خراب ٿيڻ بعد پهريون رابطو آهي، مبارڪ ڏيڻ يا نه ڏيڻ خاص ناهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فرحت الله بابر به پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ان طرف ڌيان ڇڪايو آهي. هن لکيو ته جوبائيڊن پنهنجي پيغام ۾ ٻه طرفي لاڳاپن تي زور ڏنو پر شهباز شريف کي چونڊجڻ تي مبارڪباد نه ڏني. فرحت الله بابر چيو ته ڇو؟ ڇا ڪو اندازو لڳائي سگھي ٿو؟ پر اڻڄاتل پيغام پهچائيندڙ پريشان آهي. جو بائيڊن جي خط ۾ مبارڪباد جي غير موجودگي ٻين پاران نوٽ ڪيو ويو آهي. اڳوڻي نگران اطلاعات واري وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته عمران خان جي دور ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا تمام خراب هئا، ان کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهو پهريون رابطو آهي. مبارڪ ڏيڻ يا نه ڏيڻ اهم نه آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.