نصيرآباد (رپورٽ: بشيراحمد بروهي) نصير آباد ۾ 16 فيبروري تي قتل ٿي ويل پرائمري استاد قوم پرست اڳواڻ ھدايت ﷲ لوھار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سندس وارث نياڻين جسٽس فار ھدايت الله لوھار ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سسئي لوھار ،سورٺ لوھار سميت عابده چنه، منصور سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ عورتن، ٻارڙن سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي، نوناري پاڙي کان شروع ٿيل ريلي نصيرآباد ٿاڻي اڳيان پھتي جتي جسٽس فار ھدايت الله لوھار ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سسئي لوھار عابده چنا منصور سومرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ھدايت ﷲ لوھار ھڪ استاد ھئو، جيڪو علم، شعور ۽ تعليم جو پيروڪار ھئو جنھن کي بي سبب قتل ڪيو ويو، ايترا ڏينھن گذرڻ باوجود پوليس سندس قاتل گرفتار نه ٿي ڪري، پوليس ھٿ وٺي قاتلن کي آزاد ڇڏي ڏنو آهي، جيسيتائين استاد ھدايت ﷲ لوھار جي قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويندو،۽ اسانجا گرفتار 12 ڪارڪن آزاد نه ڪيا ويندا، اسانجي احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.