اتر پرديش حڪومت تڪراري ھندستاني سياستدان مختيار انصاري کي جيل ۾ دل جو دورو پوڻ سبب ٿيل موت جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.سموري رياست ۾ سڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي.رياستي اختيارين موجب، مختيار انصاري، اتر پرديش جي باندا جيل ۾ عمر قيد جي سزا ڪٽي رهيو هو. خميس ڏينهن دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو. مختيار انصاري 5 ڀيرا رياستي اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو، مٿس درجنين ڪيس هئا. ڪجهه ڏينهن اڳ سندس پٽ عدالت ۾ درخواست داخل ڪندي الزام لڳايو هو ته 63 ورهين جي مختيار انصاري جي کاڌي ۾ زهر ملايو پيو وڃي، جنهن سبب سندس حالت خراب ٿي رهي آهي. جيل اختيارين انهن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آھي.
خميس ڏينھن شام کيس بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال داخل ڪرايو ويو. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته کيس دل جو دورو پيو آهي ۽ ڪوششن باوجود به هو نھ بچي سگهيو. اتر پرديش جي وڏي وزير يوگي آديتيه ناٿ مختيار انصاري جي موت جي خبر سامهون ايندي ئي هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو. هن موت جي ٽن مئجسٽريٽن جي ٽيم ذريعي جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. ماضي ۾ انصاري تي يوگي اديتيھ ناٿ جي قافلي تي موتمار حملي جو الزام پڻ لڳايو ويو هو. سڄي ملڪ ۾ پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن. ڪيترن ئي ضلعن ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي ۽ پيرا ملٽري فورسز روڊن تي مارچ ڪري رهيون آهن. صورتحال بظاهر پر امن آهي، پر ڇڪتاڻ موجود آھي.
ڪانگريس اڳواڻ سريندر راجپوت چيو ته مختيار انصاري اڳ الزام هنيو هو ته کيس زهر ڏنو پيو وڃي ۽ هاڻي انتظاميه چئي رهي آهي ته هو دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو آهي، هاڻي هاءِ ڪورٽ ججن جي نگراني ۾ جاچ ڪرائي. جيئن پتو پئجي سگھي تھ جيل ۾ ڇا ٿي رهيو ھو. بهار جي اڳوڻي نائب وڏي وزير ۽ آر جي ڊي اڳواڻ تيجسوي ياديو سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي لکيو، آھي تھ ”ڪجهه ڏينهن اڳ هن جيل ۾ زهر ڏيڻ جي شڪايت ڪئي پر ان کي سنجيده نه ورتو ويو، پھرين نظر ۾ اهو انصاف وارو ۽ انساني عمل نظر نٿو اچي“
مافيا جي ڊان کان سياسي اڳواڻ بڻجندڙ مختيار انصاريءَ اتر پرديش مان پنج ڀيرا پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو ويو ھو. مٿس قتل ۽ اغوا سميت 65 ڪيس هلندڙ آهن. مختيار انصاري جو تعلق غازي پور جي آزادي جي مجاهدن سان هو. سندس ڏاڏو ڊاڪٽر مختيار احمد انصاري آزاديءَ جي جدوجهد جي پھرين صف جي اڳواڻن مان هو .جيڪو 1926 ۽ 1927 ۾ ڪانگريس جو صدر پڻ رهيو ھو.مختيار انصاري جو نانو برگيڊيئر محمد عثمان ھو،جيڪو 1947ع جي پاڪستان خلاف جنگ ۾ ”شهادت“ ماڻي .جنھن تي کيس اعليٰ ترين مهاوير چڪر ايوارڊ سان نوازيو ويو ھو. چيو وڃي ٿو ته برگيڊيئر محمد عثمان کي نوشھرو جي شينھن“ جي نالي سان مشهور ھو.
ھن ورهاڱي کانپوءِ محمد علي جناح پاران پاڪستان اچڻ جي دعوت رد ڪري ڇڏي هئي.
هندستان جو اڳوڻو نائب صدر حامد انصاري مختار انصاري جو چاچو ھو.سندس والد سبحان الله انصاري به مقامي سياست ۾ گهڻو سرگرم هو. مختيار انصاري، 1996ع ۾ ڀوجن سماج پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي پهريون ڀيرو اتر پرديش اسيمبليءَ جو رڪن ٿيو ھو. ان بعد 2002ع، 2007ع، 2012ع ۽ 2017ع ۾ اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آيو. جيل ۾ رهڻ دوران هن گذريل ٽن چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.