پريا ڪماري آخر ڪڏھن آزادي ماڻيندي ؟

تحرير:

جڏھن ھي ملڪ وجود ۾ آيو ته ھندو برادري ھتان لڏپلاڻ ڪرڻ ۾ خوش نه هئي ڇاڪاڻ ته ڪو به  پنھنجي جنم ڀومي ۽ وطن کي ڇڏڻ جو خواھش مند ناھي ھوندو ـ سنڌ جيڪو سنڌي قوم جو اھو تاريخي وطن آھي جتي بغير مذھبي نسلي ۽ ذات جي مٿڀيد ۽ انسانيت کان آشنا ماڻھو رھندا آيا آھن. اھا ڌرتي انساني تھذيب ۽ ارتقا جي باني رھي آھي.

هندو جبري طور ۽ زبردستي ھتان ھندستان ڏانھن لڏپلاڻ ڪئي، پنھنجا اجھا مال دولت ۽ سونھري يادون انتهائي مجبوري ۾ ڇڏيون ائين چئجي ته  کين زوري ھتان لڏايو ويو. تاريخ گواھ آھي ته سنڌ جي ترقي ۽ واڌ ويجهه لاءِ انھن جيڪو ڪجهھ ڪيو. انهيءَ جو عڪس ھنن جي ھندوستان وڃڻ بعد اتي ڪيل ڪارنامن بعد محسوس ڪري سگھجي ٿو. جبري طور شادي ڪرائڻ لاءِ ھندو نياڻين جو مذھب تبديل ڪرائي شاديون ڪرائڻ ۽ انھن جو ڀنگ لاءِ اغوا جا واقعا ڪافي پراڻو عمل ٿي چڪو آھي. انھن لاءِ امن امان جي خراب ٿي ويل صورت حال ڪارڻ روزانو جي بنياد تي ھندو ڪٽنب سنڌ مان ڳوڙھا ڳاڙھيندا لڏن پيا.

معصوم نياڻي پريا ڪماري جو اغوا ڪالھه سوشل ميڊيا ڪارڻ هاءِ پروفائيل واقعو بڻجي چڪو آھي، جنھن ۾ سرڪار ۾ ويٺل سياستدانن وزيرن وڏيرن ۽ تر جي چڳن مڙسن لاءِ وڏا چيلينج کڙا ڪري ڇڏيا آھن، ٽي سال اڳ اغوا ٿي ويل پريا ڪماري جو ڪيس ھن وقت وڌيڪ زور وٺي چڪو آھي، جنھن بابت مصروف سوشل ايڪٽويسٽ ٽڪ ٽاڪرز ۽ سياسي سماجي ۽ صحافتي شخصيتن جي دلچسپي سبب روزانو نوان انڪشاف سامھون اچي رھيا آھن ۽ نئين نئين افواھن جو زور پڻ وڌي رھيو آھي. جنھن جا خراب اثر سامھون اچن پيا.

پريا جي مسلسل ٽن سالن کان گمشدگي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آھي ۽ ڪيترن ئي سوالن جا انڪشافن جي صورت ۾ جواب سامھون آندا آھن. تازو سندس والد راجڪمار جي مسلسل ميڊيا وارن سان ملاقاتن ۾ ميڊيا کان بيزاري جا آثار سندس چھري جي تاثراتن مان ملي وڃن ٿا. تنھن کان سواءِ سنگرار جيڪو تمام ننڍڙو شھر ھجڻ باوجود ڪنھن به  ميڊيا واري طرفان پڇا ڪرڻ تي راج ڪمار جي گھر جو ڏس پتو نه ٻڌائڻ يا نٽائڻ ظاھر ڪري ٿو ته ڪو تر جي بااثرن جو مسلسل دٻاءَ ھندو ڪٽنب مٿان آھي جنھن کي راج ڪمار زباني تسليم نٿو ڪري پر ان جي چھري جا رنگ اصل ڪھاڻي جا روپ ظاھر ڪن ٿاـ. ان کان سواءِ سنگرار شھر جي اڌ کان مٿي ملڪيت جي مالڪ سيد فيملي طرفان ٽن سالن بعد انھيءَ ڪيس جي زور وٺڻ ۽ انھن مٿان مسلسل لڳندڙ الزامن ۾ تيزي اچڻ بعد جوابي طور اوچتو ميڊيا آڏو پاڻ کي بي ڏوھي ثابت ڪرڻ مان الائي ڳالھيون سمجھي سگھجن ٿيون. جڏھن ته پريا جي والد راج ڪمار پاڻ ميڊيا جي روبرو انهيءَ سيد فيملي جي پاراسيءَ جا قسم کائي وضاحتون ڪري چڪو آھي.

پريا ڪماري جي اغوا واري واقعي جي عرصي دوران سکر پوليس جا پنج کان مٿي ايس ايس پي ايز آيا ۽ ويا ۽ ھر آفيسر طرفان انھيءَ جي بازيابي لاءِ واعدا ڪرڻ ۽ واقعي جي ڊراپ سين تائين پھچڻ جي دعويٰ ڪئي وئي پر حقيقت ان جي بازيابي جي حسرت ھر سنڌ دوست ۽ امن پسند شخص جي اڃان سوڌو برقرار آھي.

ھڪ ڳالھه نھايت واضح ۽ حقيقت تي مبني آھي ته پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ھر پوليس آفيسر کي سچي نيت سان ڪم ڪرڻو پوندو. ان سان گڏوگڏ نينگري جي والد راج ڪمار کي بنا ڪنھن ڊپ چي سڀني حقيقتن تان پردو کڻڻو پوندو، يا وري انهيءَ بازيابي ۾ نيڪ نيتيءَ سان سھڪار ڪندڙ ڌرين سوشل ايڪٽوسٽ صحافي ۽ سماج سڌار شخصيتن يا ادارن سان ڀرپور سھڪار ڪرڻو پوندو ۽ ھندو برادريءَ جي مکين جي چالاڪين کي سمجھي پنھنجي قوت ارادي سان پاڻ فيصلا ڪرڻا  پوندا پر اھو سڀ ڪجھه تڏھن ممڪن آھي جڏھن سنڌ جا اصل وارث ھندو پاڻ کي ھت محفوظ محسوس ڪندا. سندن ڪاروبار محفوظ ھوندا انھن جي ڪٽنبن کي تحفظ حاصل ھوندو ۽ اھي ڊپ وچان سنڌ ڇڏي نه ويندا. اھي ڏوھارين جي ڌمڪائڻ باوجود به خود کي پرسڪون محسوس ڪندا.

اھو في الحال ممڪن نظر نٿو اچي ۽ اھو ضرور نظر اچي پيو ته پريا ڪماريءَ جو ڪيس ٻين هاءِ پروفائيل ڪيسن خاص ڪري ھندو برادري جي ڪيسن جيان فائيلن جي نظر ٿي ويندو. جڏھن ته نينگري پريا جي والد راج ڪمار ۽ امڙ کي 100 سيڪڙو سندس بازيابي جون اميدون ڏياريون پيون وڃن رڳو شرط ھڪڙو وڌو وڃي پيو ته اھي حقيقتن تان پردو کڻن بچاءَ ھر صورت ۾ خاموش رھن. ٻي صورت ۾ پريا جيان سندن حياتي پڻ جھنم بڻائڻ جون ڌمڪيون پڻ ملنديون رهنديون يا کين عبرت ناڪ انجام کان ڊيڄارڻ جو سلسلو ختم نه ٿي سگھندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.