لکي غلام شاهه ۾نينگر سان بدفعلي جو جرڳو، 5 ڄڻن مٿان 11 لک ڏنڊ، شهر نيڪالي

لکي غلام شاھ (رپورٽ: نديم جان مهر) لکي غلام شاھ شهر ۾ نينگر سان بدفعلي ڪري وڊيو وائرل ڪرڻ واري معاملي جو مهر هائوس وزيرآباد ۾ نيبرو نينگر کي بدفعلي ڪرڻ جي ڏوھ ۽ بليڪ ميل ڪري پئسا ۽ موبائل فونون وٺڻ تي 5 ڄڻن مٿان 11 لک 40 هزار ڏنڊ مقرر، 3 مهينا  شهر نيڪالي ڏني وئي، لکي غلام شاھ شهر ۾ ڪجھه ڏينهن پهريان ميمڻ برادري جي نينگر حمزه پٽ اسلم ميمڻ سان بدفعلي ڪري وڊيو ڀرڻ ۽ ٻن سالن تائين بيلڪ ميل ڪري روڪ رقم ۽ ٻه موبائل فونيون وٺڻ واري معاملي جو مهر هائوس وزيرآباد ۾ ايم پي اي عارف خان مهر جي سرپينچي هيٺ نبيرو ٿي گذريو، فيصلي ۾ يوسي منگراڻي جو چيئرمين مشتاق احمد مهر، لکي ٽائون چيئرمين ديدار حسين ڀٽو، مولا بخش ميمڻ، ۽ ٻيا شريڪ ٿيا زيادتي جو شڪار ٿيل نينگر  واري ڌر طرفان اسلم ميمڻ، اشرف ميمڻ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا ۽ الزام هيٺ آيل 5 ڄڻن آصف ميمڻ، توقير ميمڻ، حبدار ميمڻ، محسن ميمڻ، ۽ عادل حسين مهر جي ڌر طرفان ڀائرن ۽ مٽن مائٽن شرڪت ڪئي فيصلي ۾ نينگر سان بدفعلي ڪرڻ تي 5 ئي جوابدارن مٿان مجموعي طور 11 لک 40 هزار روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو جنهن ۾ 10 لک بدفعلي 80 هزار روڪ رقم وٺڻ ۽ 60 هزار ٻه موبائل سيٺ وٺڻ جو ڏنڊ مقرر ڪيو ويو جڏهن ته بدفعلي ڪري وڊيو وائرل ڪرڻ جو ڏوھ ثابت نه ٿيو، هوڏانهن الزام هيٺ آيل 5 ئي جوابدارن کي 3 مهينن تائين شهر ۾ اچڻ جي اجازت نه هوندي، مقرر ٿيل ڏنڊ جي رقم 3 مهينن تائين ادا ڪئي ويندي ڪيل فيصلي کي ٻنهي ڌرين قبول ڪندي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.