مٺياڻي ڀرسان نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ، قتل جو شڪ ظاهر

مٺياڻي (رپورٽ: امير علي ملڪ) مٺياڻي ڀرسان ڪوٽ مٺا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪنڊاڻي ماڇي ۾ پنجويه  سالن جي نوجوان بگن سولنگي  جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ، وارثن پاران قتل جو شڪ ظاهر، ڳوٺ ڪنڊاڻي ماڇي ۾ پنجويه  سالن جي نوجوان بگن سولنگي جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ  آيو، مبينا طور قتل ڪيل نوجوان جي والد رفيق سولنگي ٻڌايو  ته منهنجو پٽ مظن کهاوڙ وٽ بيٺل هو جيڪو ٽن ڏينهن کان گم هو ڪافي ڳولا بعد اڄ سندس لاش هٿ آيو، مونسان ظلم ٿيو آهي مونسان انصاف ڪيو وڃي، ڪوٽ مٺا ٿاڻي جي وڏي منڇي ارشاد پھنور ٻڌايو ته جهنگ ۾ وڻ ۾ ٽنگيل  لاش جو اطلاع مليو، واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ مٺياڻي اسپتال کڻائي آياسين  جتي ڪيترائي ڪلاڪ اسپتال اندر لاش پيل رهيو، ڊاڪٽر نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ نوشھروفيروز روانو ڪيو ويو ۔ جتي قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گھر پھچڻ تي وارثن کي بيھوشي جا دورا پئجي رهيا هئا، ڊاڪٽرن موجب لاش ٻه ڏينھن پراڻو آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ کانپوءِ وڌيڪ ڄاڻ پوندي، پوليس موجب وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.