ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ماحولياتي قانونن ۾ تبديلين کي ۾ چئلينج ڪيو ويو، عدالت سنڌ حڪومت ۽ سنڌ انوائرمينٽ پروٽيڪشن ايجنسي کان جواب طلب ڪري ورتو، درخواستگذارعارف بلگامي چيو ته ترميم قانون جي بنيادي روح جي ابتڙ آهي، عوامي منصوبن لاءِ قانون موجب آءِ اي اي ۽ اي آءِ اي هجڻ ضروري هوندو آهي، درخواست گذار جو چوڻ آهي ته اهڙيءَ طرح جي منصوبن جي کليل طور ٻڌڻي ٿيندي آهي ۽ عوام کي چڱائي ۽ خرابيءَ جي خبر پوندي آهي، قانون ۾ ترميم سان ڪيترا ئي منصوبا عوام جي ٻڌڻي جي دائري کان نڪري ويندا، قانونن ۾ ترميم جو عمل شفافيت جي خلاف آهي، ماحولياتي تباهي ۾ اضافو ٿيندو، عدالت ڌرين کان ٽن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو.