نوابشاهه مان ڪنڌڪوٽ دعوت تي ويل ڀاءُ ڀيڻ اغوا

نوابشاھ( ڊ ر) دوڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ جيلاني جا رهائشي رضيه آرائين ۽ سندس ڀاء غلام مصطفي آرائين نوابشاھ مان ڪنڌڪوٽ دعوت کائڻ  ويا ته اغوا ٿي ويا، جنهن کانپوءِ مغوين جي نمبر تان سندس مڙس غلام عباس ڪمبوهه کي ڪال ڪري مغوين کي آزاد ڪرائڻ لاءِ 50 لک روپيا ڀنگ گهري ورتو، جڏهن ته مڙس جو چوڻ آهي ته 2 مهينن کان فون تي رابطو هجڻ ڪري هي ڀاءُ ڀيڻ ڪنڌڪوٽ دعوت کائڻ ويا هئا، جنهن کانپوءِ منهنجي گهر واري فون ڪري ٻڌايو ته اسان ڪنڌڪوٽ پهچي ويا آهيون اسان کي موٽر سائيڪل تي ميزبان کڻڻ اچن پيا جنهن کانپوءِ هنن جي نمبر تان ئي اسان کي اغوا جي باري ۾ ٻڌايو ويو ۽ اسان کان هنن کي واپس ڪرڻ لاءِ 50 لک ڀنگ گهريو ويو آهي، سندس چوڻ هو ته اسان هاري آهيون هارپو ڪري پيٽ گزر ڪندا آهيون اسان وٽ ايترا پيسا ناهن جو انهن کي ڏيون، هن سنڌ حڪومت ۽ آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ڌاڙيلن خلاف سخت ڪارروائي ڪري اسان کي مغوي بازياب ڪرائي ڏنا وڃن،رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او دوڙ عبدالرشيد ميمڻ ٻڌايو ته اسان جاچ ڪري رهيا آهيون معاملي جي جڏهن ته اسان کي ابتدائي جاچ ۾ خبر پئي آهي ته هي ڀاءُ ۽ ڀيڻ رشتو ڏسڻ ويا هئا جتان هنن کي اغوا ڪيو ويو، وڌيڪ جاچ کانپوءِ ميڊيا کي آگاھ ڪيو ويندو.ايس ايس پي شهيد بينظير آباد تنوير تنوير کان موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.