اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) صدر آصف علي زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر مفاهمت واري پاليسي تي زور ڏيندي سڀني سياسي پارٽين کي اختلاف وساري ملڪ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. وي لاگر فهيم گوهر پنهنجي وي لاگ ۾ ٻڌايو آهي ته سينيئر صحافي سهيل وڙائچ صدر آصف زرداري سان ملاقات ڪندي کيس چيو آهي ته عمران خان سان معاملا بهتر ڪرڻ گهرجن، عمران خان ڏانهن جيل م هڪ وفد موڪلي ساڻس ڳالھيون ڪيون وڃن. صدر آصف زرداري سندس تجويز سان اتفاق ڪندي حڪومت سان ڳالهائڻ جي خاطري ڪرائي. سهيل وڙائچ چيو ته صدر سان اهڙي ڳالهه ڪرڻ دوران اتي موجود ڪنهن به ماڻهوءَ منهنجي تجويز سان اتفاق نه ڪيو. وي لاگر چيو ته هن وقت حڪومت عمران خان سان ڳالهين لاءِ تيار نه ٿيندي، جيڪڏهن حڪومت تيار به ٿي وئي ته عمران خان تيار نه ٿيندو. عمران خان کي اميد آهي ته هو پنجن ڇهن مهينن ۾ آزاد ٿي ويندو. هن چيو ته عمران خان ضديرو ماڻهو آهي، هو راضي نه ٿيندو، جيڪڏهن هو ڳالهيون ڪري ها حالتون ايتريون خراب نه ٿيڻ ها. سهيل وڙائچ موجب صدر آصف زرداري سمجهي ٿو ته عمران خان سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن.