وزيراعظم اختيارن ۾ مداخلت تان محسن نقوي کان ناراض،سگهاريون ڌريون پريشان؟

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) حڪومت کي ٺهي اڃا ڪجهه ئي ڏينهن ٿيا آهن ته وزيراعظم بي وس نظر اچڻ لڳو آهي، هن  محسن نقوي جي شڪايت سگهارين ڌرين کان ڪئي آهي ته هو سندس اختيار استعمال ڪري  رهيو آهي. ڪامورن جي مقررين تان وزيراعظم ۽ محسن نقوي ۾ اختلاف آهن، وزيراعظم پاران مقررين لاءِ ڏنل نالا محسن نقوي رد ڪندي پنهنجا نالا ڏنا آهن. تجزئي ڪار معظم فخر پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته محسن نقوي وزيراعظم جي موڪليل فائيلن تي اعتراض ڪري رهيو آهي، جنهن کانپوءِ سگهاريون ڌريون به پريشان آهن. حڪومت ۾ مختلف ڪميٽين جي سربراهيءَ تان به اختلاف آهن،  اقتصادي رابطا ڪميٽي ۽ نجڪاري ڪميٽين جي سربراهيءَ تان ناڻي واري وزير کي هٽايو ويو آهي، رابطا ڪميٽي جو سربراهه وزيراعظم پاڻ ٿيو آهي، جڏهن ته پهريان عليم خان کي نجڪاري ڪميٽيءَ جو چيئرمين بڻايو ويو پر پوءِ هن کي هٽائي اسحاق ڊار کي سربراهه مقرر ڪيو ويو، جنهن جو ڪميٽي سان ڪو واسطو ناهي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پنجاب جي نگران وڏي وزير جي حيثيت سان صوبي ۾ جنهن ٽيم سان گڏ ڪم ڪيو، هاڻي هو وفاق ۾ به اها ئي ٽيم پاڻ وٽ رکڻ چاهي ٿو.محسن نقوي آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور کي مرڪزي گهرو سيڪريٽري مقرر ڪرڻ چاهي ٿو پر شهباز شريف سندس مطالبي تي راضي ناهي ۽ ان معاملي تي ٻنهي وچ ۾ تلخي پيدا ٿي وئي آهي،تجزئي نگار نجم سيٺي چيو ته شهباز شريف جو خيال آهي ته جيڪڏهن محسن نقوي اسلام آباد جا معاملا سنڀالي ورتا ته پوءِ سندس لاءِ ڇا بچندو؟نجم سيٺي چيو ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ وزيراعظم شهباز شريف وچ ۾ تلخيءَ جي خبرن ۾ سچائي آهي.محسن نقوي پنجاب جي ٽيم کي اسلام آباد وٺي وڃڻ چاهي ٿو. هو انسپيڪٽر جنرل پوليس پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور سميت ڪجهه ماڻهن کي پاڻ سان گڏ آڻڻ چاهي ٿونجم سيٺي چيو ته مان سمجهان ٿو ته وزيراعظم شهباز شريف کي اها ڳالهه بلڪل پسند نه هوندي. هڪ صوبو پي ٽي آءِ کڻي ويو، هڪ صوبو پيپلزپارٽي وٽ آهي، پنجاب مريم نواز وٽ آهي، شهباز شريف جي ٿوري گهڻي  اسلام آباد ۾ ئي هلندي آهي، جيڪڏهن محسن نقوي به اسلام آباد سنڀالي ٿو ته پوءِ سمجهو ته اهو ”ڀائي لوگ“ وٽ هليو ويو ته پوءِ  شهباز شريف ڇا ڪندو؟جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ شهباز شريف رڳو مختلف تقريبن وغيره ۾ ئي شرڪت ڪندو. اسلام آباد وفاقي حڪومت جو مرڪز آهي، هتي شهباز شريف ۽ محسن نقوي وچ ۾ ٿوري گهڻي ڇڪتاڻ ٿيندي.ڊاڪٽر عثمان انور ايف آءِ اي ۾ شامل ٿيڻ چاهي ٿو ڇو ته هو چوڌري نثار جي دور ۾ ايف آءِ اي جو ڊائريڪٽر يا ڊپٽي ڊائريڪٽر هو. چوڌري نثار سان سندس گهرا لاڳاپا هئا. هو پنهنجي پراڻي اداري ۾ واپس وڃڻ چاهي ٿو، ڇو ته  پنجاب جي وزيراعليٰ به پنهنجو آءِ جي کي آڻڻ چاهي ٿي هوءَ نه چاهيندي ته محسن نقوي جو ماڻهو پنجاب ۾ ويٺل هجي ۽ محسن نقوي اسلام آباد ۾ ويهي  پنجاب کي پنهنجي مرضي مطابق هلائي.نجم سيٺي موجب وزير اعظم شهباز شريف ۽ گهرو وزير محسن نقوي وچ ۾ گهرو سيڪريٽري جي مقرري کان علاوه هڪ ٻئي معاملي تي به بحث ٿيو آهي ۽  معاملو اهو آهي ته محسن نقوي کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين رهڻ گهرجي يا نه؟ نجم سيٺي چيو ته منهنجي ڄاڻ موجب شهباز شريف ان موقعي تي محسن نقوي کي چيو ته پي سي بي فل ٽائيم نوڪري آهي، توهان کي وقت ئي نه ملندو، تنهن ڪري توهان وزارت رکو ۽ ٻيو عهدو ڇڏي ڏيو. ملڪ دهشتگردي سميت ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. تنهن ڪري صرف گهرو وزارت تي ڌيان ڏيو. جنهن تي محسن نقوي جواب ڏنو ته توهان پريشان نه ٿيو، مان ٻئي عهدا سنڀالي وٺندس

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز آچر 24 مارچ 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.