وزيراعظم اقتصادي رابطا ڪميٽي ٻيهر جوڙي ڇڏي، چيئرمين تبديل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف اقتصادي رابطا ڪميٽي ٻيهر جوڙي ڇڏي.
اي سي سي جو چيئرمين ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب هوندو ۽ ڪميٽي ميمبرن ۾ اقتصادي معاملن وارو وزير، واپار وارو وزير، توانائي وارو وزير، پيٽروليم وارو وزير ۽ منصوبابندي وارو وزير شامل هوندا.
ڪابينا ڊويزن طرفان اقتصادي رابطا ڪميٽي جي ٻيهر جڙڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو چيئرمين وزيراعظم پاڻ بڻيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.