سوئي ناردرن سال ۾ ٽيون ڀيرو گئس اگهن ۾ واڌ جي درخواست ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سوئي ناردرن گئس ڪمپني (ايس اين جي ايس) سال ۾ ٽيون ڀيرو گئس اگهن ۾ واڌ جي گهر ڪري ورتي.
آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ذريعن موجب سوئي ناردرن هڪ ڀيرو ٻيهر گئس اگهن ۾ واڌ جي درخواست ڪندي گئس جي قيمت 4489 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا 25 مارچ تي گئس اگهن بابت ٻڌڻي ڪندي ۽ گئس جا اگهه وڌڻ سان بلن ۾ سراسري طور 155 سيڪڙو تائين واڌ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.