وزارتن تان تڪرار،3 هفتا گذرڻ باوجود بلوچستان ڪابينا نه جڙي سگهي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ٽن ھفتن گذرڻ بعد بھ بلوچستان ۾ ڪابينا نه جڙي سگھي.وزارتن تان جاري ڦڏي کي حل ڪرڻ ۾ سرفراز  بگٽي ناڪام ٿي ويو،صدر آصف زرداري ھاڻي ڪابينا جوڙيندو.صوبي ۾ وڏو وزير آھي ۽ گورنر پڻ آھي پر حڪومت جي ڪاروھنوار ھلائڻ لاءِ حڪومت جا وزير نھ کڄي سگھيا آھن.انتھائي نازڪ صوبي ۾دھشتگردي جا واقعا بھ وڌي ويا آھن.پر سول حڪومت نھ ٺھي سگھي آھي.تجزئي ڪارن جو چوڻ آھي تھ ڪابينا جڙڻ ۾ دير جو سبب وزارتن تان تڪرار آھي.ھي ھڪ حساس صوبو آھي،جتي اتحادي حڪومت ھئڻ سان گڏوگڏ اتي قبائلي سسٽم سبب بھ اڪثر مسئلا پئدا ٿيندا رھن ٿا.سياسي ميمبر پڻ ان قبائلي سسٽم جو ئي حصو آھن.جنھن ڪري ھڪ ميمبر جي وزير ٿيڻ سان ان جي مخالف پڻ وزارت چاھي ٿي،جيڪڏھن ڪو وزير نٿو ٿي سگھي تھ ان جو اھو بھ مطالبو ھوندو آھي تھ سامھون واري ڌر جي ميمبر کي بھ وزير نھ ڪيو وڃي.ھاڻي اھڙي صورت ۾ جڏھن حڪومت وٽ مڪمل مينڊيٽ نھ آھي ، جي يو آءِ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف پڻ موجود آھن.ان ڪري وڏو وزير سرفراز بگٽي ڪابينا جوڙڻ ۾ مشڪلات جو موجود شڪار آھي.جنھن ڪري وڏو وزير سرفراز بگٽي ڪابينا جي فيصلي ڪرڻ لاءِ صدر آصف علي زرداري ڏانھن ڏسي رھيو آھي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز آچر 24 مارچ 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.