قيدين کي آن لائن ملاقات جي اجازت،عمران خان لاءِ به رستو کلي ويو؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) مريم نواز پاران قيدين کي آن لائن ملاقات ڏيڻ سان عمران ۽ ٻين لاءِ بھ اھو رستو کلي پيو،عمران خان کي آن لائن ملاقات ڪرائڻ واري درخواست جي اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي. ان دوران چيف جسٽس سردار اعجاز اسحاق،اھو نڪتو اٿاريو ۽ سپرينٽنڊنٽ اڊيالا جيل کي مخاطب ٿيندي چيو تھ، عمران خان جي آن لائن ملاقات ڇو نٿا ڪرايو.جيل سپرينٽنڊٽ جو چوڻ ھو تھ ھڪ تھ انھن وٽ اھڙو ڪو انتظام نھ آھي، ٻيو تھ اھو قانوني طور ڏوھ آھي.جيڪڏھن اوھان چاھيو ٿا تھ اھڙي ڪا ملاقات ڪرائجي تھ قانون ۾ ترميم ڪرڻي پوندي.جنھن تي جج صاحب نڪتو اٿاريو تھ، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف تھ اھا سروس ڪوٽ لکپت جيل ۾ شروع ڪري ڇڏي آھي، تھ پوءِ اھا اھڙو غيرقانوني ڪم ڇو ڪري رھي  آھي.جنھن تي جيل سپرينٽنڊنٽ لاجواب ٿي ويو.عدالت ان درخواست جي اڃان ٻڌڻي ڪندي.جنھن ۾ امڪان آھي تھ عمران خان جي حق ۾ فيصلو اچي وڃي.ھاڻي جڏھن ڏسجي تھ مريم نوازشريف جوش ۾ اچي اھا سرگرمي ڪري چڪي آھي.پر کيس اندازو نھ ھو تھ ان جو فائدو عمران خان،شاھ محمود قريشي،چوڌري فواد ۽ چوڌري پرويز الاھي کي بھ ملندو.ھاڻي ان جو مطلب اھو ٿيو تھ عمران خان کي بھ اھڙي سھولت ڏيڻي پوندي.يا وري اھا سھولت سموري پنجاب ۾ بند ڪئي وڃي.جيڪڏھن عمران خان کي اھا سھولت ملي وئي تھ پوءِ تھ رڳو عمران خان سامھون ڪئميرا لڳڻ جي دير آھي.جنھن بعد ھو جيڪو ڪجھ چوندو ان جو خوب اندازو آھي.اھا گفتگو رڪارڊ ٿيڻ بعد اھا سوشل ميڊيا تي بھ ھلندي.جيڪڏھن اھو سلسلو شروع ٿيو تھ پوءِ عمران خان کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز آچر 24 مارچ 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.