نصيرآباد ۾قوم پرست اڳواڻ ۽ استاد هدايت لوهار جا قاتل گرفتار نه ٿيا،مظاهرو، ڌرڻو

نصيرآباد(نمائندو ) نصيرآباد ۾ مقتول استاد ۽ قومي ورڪر شھيد هدايت لوهار جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف گذريل جسٽس فار هدايت ايڪشن ڪاميٽي ۽ وائيس فار مسنگ پرسن آف سنڌ طرفان نوناري محلي کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن، عورتن، ٻارڙن ۽ شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جيڪي شھر جي مختلف رستن تان ٿيندا نصيرآباد ٿاڻي جي گيٽ وٽ پھتا جتي شھيد جي قاتلن ۽ نصيرآباد پوليس خلاف  سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن جسٽس فار ھدايت الله لوھار ايڪشن ڪميٽي نصير آباد آرگنائيزر سسئي لوهار، سورٺ لوهار، ڪامريڊ ابراهيم چانڊيي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته بابا کي قتل ٿئي پنج هفتا گذري چڪا آهن پر نصيرآباد پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي جيڪا شھيد جي وارثن سان سراسر ناانصافي آهي هنن چيو ته احتجاج ڪرڻ هر ماڻھو جو بنيادي حق آهي اسان جي 12 قومي ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو ويو آهي هنن مطالبو ڪيو ته شھيد هدايت لوهار جي قاتلن کي گرفتاري ڪري انھن کي سزا ڏني وڃي ۽ گرفتار قومي ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڪراچي يا حيدرآباد کان سپر هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪرڻ جو چتاءُ ڏيون ٿا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.