رائونتي جي ڪچي ۾ڏوهارين خلاف آپريشن جاري،ڪيترائي شڪي گرفتار

رائونتي(رپورٽ: برڪت علي گهنڃو )  رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف ضلعي گھوٽڪي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس  ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن شروع ڪيو ويو,ڪجهه ماڻھون شڪ جي بنياد تي گرفتار, شر گينگ جي خلاف جاري آپريشن ۾ رائونتي,شھيد دين محمد لغاري, ۽ ٻيلو ميرپور پوليس جا جوان شامل,گھوٽڪي پوليس مطابق ته ڪچي جا تمام داخلي رستا بند ڪري ڪجهه شڪي ماڻهن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي,جن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي,جڏهن ته آپريشن دوران ڪجه ڏوھارين جي ٺڪاڻن کي ختم ڪيو ويو آهي,ايس ايس پي گهوٽڪي جو چوڻ هو ته آپريشن ۾ چين ايپي سيز ۽ جديد ٽيڪنالاجي ۽ جديد ھٿيار سميت پوليس ۽ رينجرز جي ڀاري نفري سان گڏ ايس ايس پي گهوٽڪي به حصو وٺي رھيو آھي ڏوھارين جي خاتمي ۽ علائقي ۾ امن امان جي بحال ۽ باندي بڻايل مغوين جي بازيابي تائين آپريشن جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.