حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ۾ ڪڻڪ جو فصل لهڻ باوجود سرڪاري سطح تي ڪڻڪ جي خريداري شروع نه ٿي سگهي, آبادگارن کي بارداڻو به نه مليو, جنهن ڪري آبادگار گهٽ اگهه ۽ ڪٽوتي تي ڪڻڪ واپارين حوالي ڪرڻ لڳا آهن. سنڌ جي خوراڪ کاتي پاران حيدرآباد سميت سڄي سنڌ ۾ ڪڻڪ جي خريداري شروع نه ڪئي وئي آهي. خوراڪ کاتي جي اختيارين هن سال 9 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو هدف مقرر ڪندي 20 مارچ کان سينٽر کولي خريداري شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن جي 9 ضلعن حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، بدين، ٺٽو، سجاول، دادو ۽ ٻين ضلعن ۾ هڪ لک 27 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريداري جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو ھو، پر اڃا تائين آبادگارن کي باڙداڻو نه ملڻ سبب ڪڻڪ جي خريداري شروع ناهي ٿي سگهي آهي، جنهن ڪري اڃا تائين سرڪاري اگهه 4 هزار رپيا مڻ جي حساب سان ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ جا در کلي ناهن سگهيا، آبادگار گهٽ اگهه 33 سئو کان 35 سئو روپيا مڻ واپارين کي وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن. ان حوالي سان آبادگارن خريداري شروع نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو هو ته بارداڻو نه ملڻ سبب خريداري ناهي شروع ٿي سگهي، جنهن جي نتيجي ۾ آبادگار گهٽ اگهه تي ڪڻڪ واپارين کي وڪرو ڪري رهيا آهن، جنهن تي لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر جي اڳواڻ نبي بخش سٺيو چيو ته هن ڀيري به آبادگارن کي بارداڻو ملڻ بدران واپارين کي ڏنو ويندو. هن مطالبو ڪيو ته خوراڪ کاتي ۽ روينيو عملدارن بدران جوڊيشل مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ بارداڻو ورهايو وڃي.