ڪراچي/کوکراپار/ نئون ڪوٽ (نمائندن وٽان) ملير جي مختلف علائقن ۾ ڦر واقعن دوران مزاحمت تي نئون ڪوٽ واسي نوجوان انجنيئر ۽ ھڪ نينگر قتل ٿي ويا، پوليس مقابلي ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، ملير ڪينٽ روڊ تي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن رستي ويندڙ کي روڪي موبائل فون ۽ پرس ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ته شھري جي مزاحمت ڪرڻ تي کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، پوليس موجب قتل ٿيندڙ شخص جي سڃاڻپ انجنيئر شعيب قائم خاني طور ٿي آهي، نوجوان نئون ڪوٽ جو رهواسي آهي، مقتول جومڙهه ڳوٺ روانو ڪيو ويو، سھراب ڳوٺ ويجهو جوڻيجو ڪالوني ۾ ڦر ڪندڙ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ 8ورھين جو اسرار قتل ٿي ويو ۽ سندس چاچو عباس زخمي ٿي پيو پوليس موجب ڦر ڪندڙ جوابدارن جو پاڻ ۾ جھيڙو ٿي پيو ۽ ھو ھڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪري رهيا هئا ته شهري گولين جو کاڄ بڻجي ويا، نينگر قتل ٿي ويو، واقعي جو اطلاع ملڻ تي جوابدارن جو پيڇو ڪيو ويو ۽ سھراب ڳوٺ ندي ۾ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، نصر الله نالي ھڪ جوابدار مارجي ويو، مارجي ويل جوابدار مٿان ڪراچي جي مختلف ٿاڻن تي 10 کان وڌيڪ ڪيس آھن، جڏهن ته نئون ڪوٽ جي سينئر صحافي شفقت قائم خاني جو پٽ شعيب شفقت قائم خاني جيڪو ملير ڪينٽ ڪراچي ۾ دڪيٽي دوران قتل ٿيو ھوجنھن جو لاش اباڻي شھر نئون ڪوٽ آڻڻ بعد آلين اکين سان تدفين عيد گاھ نئون ڪوٽ ۾ جنازي نماز بعد اباڻي قبرستان ماءُ مٽي حوالي ڪيو ويو جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ شھرين سياسي سماجي اڳواڻن صحافين چونڊيل نمائندن شرڪت ڪئي، ڦر واردات دوران رات ڪراچي ڪينٽ جي حد ۾ قتل ٿيل نوجوان ٽيڪٽائل انجنيئر ھو.