دادو (رپورٽ:غوث جھتيال) دادو ۾ ڳڀرو نوجوان وچ شھر ۾ سرعام خلق خدا جي سامھون /ڏسو صفحو 7 ڪالم 3
گوليون ھڻي قتل، سندس معصوم پٽ معجزانه طور تي قاتلن جي گولين کان بچي ويو، گولين جو کاڄ بڻيل نوجوان جي سڃاڻپ ذوالفقار پٽ علي گوھر جتوئي طور ٿي جيڪو قمبر شھداد ڪوٽ ضلع جي ڳوٺ علي حيدر جتوئي جو رھواسي ٻڌايو وڃي ٿو ذوالفقار جتوئي بابت معلوم ٿيو آھي ته ھو مورو کان دادو ايندڙ مسافر ويگن ۾ پنھنجي معصوم پٽ سان گڏ سوار ھو جيڪو دادو جي موندر ناڪي واري علائقي ۾ دادو مورو روڊ تي مورو ويگن اسٽاپ تي جيئن وين مان لٿو ته موٽر سائيڪل تي سوار ھٿياربندن ھن کي سرعام گوليون ھنيون ڳچي ۾ به ھن کي گولي لڳي نوجوان موقعي تي ساھ ڌئي ڇڏيو ۽ سندس معصوم پٽ محفوظ رھيو، واقعي واري ھنڌ تي شھري گڏ ٿي ويا قاتل پوليس پھچڻ کان پھريان فرار ٿي ويا مارجي ويل نوجوان کي شھرين رڪشا ۾ کڻي سول اسپتال پھچايو قتل واقعو دادو شھر جي اي سيڪشن ٿاڻي حد ۾ پيش آيو، لاش سول اسپتال دادو ۾ پيل پوليس موجب مقتول جي ڀاءُ کي اطلاع ڏنو آھي لاش ان جي حوالي ڪيو ويندو واقعو سڱاوتي تڪرار ٻڌايو پيو وڃي، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو پوليس موجب وارث ڪيس داخل ڪرائيندا وارثن جي مرضي موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو.