لنڊن(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مونس الاهي چيو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جو باني جيل کان ٻاهر نڪتو ته منهنجي، حماد اظهر، مراد سعيد ۽ ٻين اڳواڻن جي واپسي جو امڪان آهي.سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان کي رليف مليو ته اسان کي به ساڳيو ئي ملندو، اسان لاءِ جيل ۽ ايف آءِ اي وارو نه پر الڳ پلان ٺاهيو ويو آهي.مونس الاهي چيو ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ گهڻيون ڪوششون نه پيون ٿين، مونس الاهي چيو ته وڪيلن جو ڌيان پريس ڪانفرنس، ٽاڪ شوز ۽ تڪ جي سياست نه پر پي ٽي آءِ جي باني جي ڪيسن تي هئڻ گهرجي. پي ٽي آءِ جي باني جي ڪيسن تي ڌيان ڏنو وڃي ته نتيجا جلد سامهون ايندا.