پاڪ – ايران پائيپ لائين منصوبو روڪينداسين (آمريڪا) رٿا ضرور مڪمل ٿيندي: پاڪستان

واشنگٽن/اسلام آباد (م ڊ) آمريڪا جي ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي معاملن بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري ڊونلڊ لو چيو آهي ته آمريڪا ايران-پاڪستان گيس پائيپ لائين منصوبي کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. عرب  نيوز جي رپورٽ موجب  ڪانگريس جي ٻڌڻي دوران ڊونلڊ لو چيو ته پائيپ لائين جي منصوبي کي مڪمل ٿيڻ کان روڪڻ بابت آمريڪي حڪومت جي ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪريان ٿو، اسان ان مقصد لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ه منصوبي تي ڪم ٿيو، عالمي ڊونرز اهڙي ڪوششن جي فنڊنگ ۾ دلچسپي وٺندا. هن چيو ته پاڪستان آمريڪي پابندين کان ڇوٽ نه گهري آهي جيڪا ضرور اهڙي منصوبي لاءِ گهربل هوندي. ڊونلڊ لو چيو ته اسان ان معاملي تي پاڪستاني حڪومت سان صلاح مشورا ڪري رهيا آهيون، آمريڪا ايران سان لاڳاپيل سمورن پابندين جي قانونن کي برقرار رکندو،هوڏانهن آمريڪي سفارتڪار ڊونلڊ لو جي بيان تي پاڪستان چيو آهي ته اهو  ايران سان گئس پائيپ لائين منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو ته پاڪ- ايران گئس پائيپ لائين منصوبي تي فيصلو پاڪستان حڪومت جو هوندو. پاڪستان پنهنجي حصي ۾ پائيپ لائين تي ڪم ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان 18 مارچ تي افغانستان ۾ دهشتگردن جي بهادر گروپ جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو هو. حملن ۾ افغانستان جي شهرين کي نشانو ناهي بڻايو ويو. هن چيو ته پاڪستان افغانستان سان سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿو پر پاڪستان پنهنجي سرزمين تي دهشتگرد ڪارروايون برداشت نه ڪندو. ممتاز بلوچ چيو ته گوادر ۾ آپگهاتي حملي کي سڪيورٽي فورسز ناڪام بڻائي ڇڏيو، پاڪستان سمجهي ٿو ته پابندي مڙهيل بي ايل اي ۽ ٻيا اهڙا گروپ خطي لاءِ خطرو آهن. پرڏيهي ترجمان چيو ته غزه ۾ اسپتالن تي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته معصوم ٻارن کي نشانو بڻائڻ بربريت کان گهٽ ناهي، اهو جنگي ڏوهن جي زمري ۾ اچي ٿو،هن آمريڪي ڪانگريس جي ٻڌڻي ۾ ملڪي چونڊن ۽ ملڪ جي اندرين صورتحال سان ڳنڍيل ڪجهه بيانن کي غلط فهمي قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته انهن غلط فهمين کي ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا سان با معني ڳالهيون ٿينديون، هن چيو ته پاڪستان آمريڪا سان ويجهن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو،پاڪستان لاءِ عافيه صديقي جو معاملو آهي، ڊاڪٽر شڪيل آفريدي پاڪستان ۾ مقامي قانون مطابق عدالتي فيصلي تحت هتي قيد ٿيل آهي، ٻنهي جي ڏي وٺ جي باري ۾ ڪا به تجويز غور هيٺ ناهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.