اسلام آباد(م ڊ)حڪومت واپارين کان بجلي جي بلن ذريعي ٽيڪس وصول ڪرڻ جي اسڪيم تيار ڪري ورتي آهي. ايف بي آر ذريعن موجب حڪومت 3.5 لک واپارين کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ هڪ اسڪيم تيار ڪئي آهي، جنهن ۾ واپارين کان مهيني جي بجلي جي بلن ۾ ٽيڪس وصول ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن موجب واپارين جي سالياني آمدني کي 12 حصن ۾ ورهايو ويندو ۽ ٽيڪس وصولي اصل دڪاندار بدران دڪاندار کان ڪئي ويندي. ان لاءِ بجلي جي بلن ۾ واپارين لاءِ نئون ڪالم متعارف ڪرائڻ جي تجويز به سامهون آئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته تجويز ڪيل اسڪيم کي نئين مالي سال جي بجيٽ کان اڳ آڻي سگهجي ٿو جڏهن ته آءِ ايم ايف کي به تجويز ڪيل پلان بابت آگاهه ڪيو ويو آهي.