پنجگور(م ڊ)بلوچستان جي پنجگور ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾هڪ دهشت گرد مارجي ويو ۽ 2 زخمي ٿي پيا، آئي ايس پي آر پاران جاري ڪيل پريس رليز ۾ ٻڌايو ويو ته پنجگور ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ۽ دهشت گردن جي ٺڪاڻي جو پتو لڳايو، آپريشن ۾ هڪ دهشت گرد چاڪر لياقت مارجي ويو ۽2 دهشت گرد زخمي ٿي پيا، دهشت گردن وٽان سيڪيورٽي فورسز هٿيار ۽ بارود به هٿ ڪري ورتو جڏهن علائقي ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث هئا، علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي دهشٽگرد کي چٿڻ لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن ڪيو ويو، آءِ ايس پي آر پاران واضح ڪيو ويو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشت گردي جي لعنت ختم ڪرڻ لاءِ پر عزم آهي.