ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) ناليواري معاشي ماهر ڊاڪٽر قيصر بنگالي چيو آهي ته 5 نقاطي چارٽر آف اڪانامي فار سنڌ پيش ڪندي چيو آهي ته زراعت، انفراسٽرڪچر جي بحالي سان گڏ شهرن کي ترقي وٺرائي معاشي حالتون سڌاري سگهجن ٿيون، دفاع جي بجيٽ به گهٽائڻ جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه زيبسٽ ۾ سنڌ اڀياس اڪيڊمي پاران چارٽر آف اڪانامي فار سنڌ تي ليڪچر ۽ سوال جوابن دوران ڪيو، ڊاڪٽر قيصر بنگالي وڌيڪ چيو ته روٽي ڪپڙا اور مڪان واري فارمولي تي عمل، روڊن جي تباهه ٿيل انفراسٽچر کي بحال ڪرڻ سان گڏ زراعت ۾ سڌارا آڻڻ ضروري آهن، هن چيو ته پي ڊي ايم اي جي ڪردار کي فعال ڪرڻو پوندو جئين برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال کان اڳواٽ اپاءَ وٺي سگهجن، هن چيو ته ملڪ جي ترقي ۾ شهرن جو وڏو ڪردار هوندو آهي، اسان وٽ سنڌ ۾ ڪراچي کانسواءِ ٻين شهرن ۾ ترقي نه آهي، ان ڪري ڪراچي کانسواءِ ٻين شهرن کي به ترقي ۾ شامل ڪيو وڃي جيئن روزگار ۽ معشيت ۾ بهتري اچي. شاگردن جي سوالن جا جواب ڏيندي قيصر بنگالي چيو ته ملڪ جي حالتن کي نظر ۾ رکندي دفاع جي بجيٽ به گهٽائڻ جي ضرورت آهي، ان لاءِ مسلسل آواز اٿارڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته برما سميت ڪافي ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جو عوام بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن به فوج ملڪ ۾ ٽيڪ اوور ڪيو آهي ته فوجي سربراهه کي اليڪشن جو واعدو ڪرڻو پوندو آهي ۽ وڌ کان وڌ اهو فوجي جنرل 8 کان 10 سالن تائين حڪومت هلائي سگهي ٿو ان کان وڌيڪ نه ٿو هلائي سگهي ڇاڪاڻ ته عوام جو اليڪشن لاءِ آواز اٿندو رهندو آهي، پاڪستان جي ڀيٽ ۾ برما ۽ ٻين ملڪن ۾ فوج 40 کان 50 سالن تائين اقتدار ۾ رهي ٿي پر ڪنهن کي به مجال آهي جو ان خلاف آواز اٿاري. هن چيو ته ڪرپشن جي به هڪ ڏند ڪٿا بڻائي وئي آهي، اليڪشن هجي يا ڪرپشن ان خلاف آواز اڪيلي سر ۽ گڏيل طور تي اٿاريو، ضروري ناهي ته اڄ آواز اٿاريو ۽ سڀاڻي نتيجو ملي، وقت لڳندو به آواز اٿارڻ جا نتيجا ضرور نڪرندا آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ اڳ رڳو انقلاب جون ڳالهيون ٿينديون هيون، هتي جاگيردار 10 هزار خاندانن تي ڪنٽرول رکي ٿو، اسان ان جو متبادل نه آندو آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته ڪراچي کانسواءِ ٻين شهرن کي ترقي ڏياري وڃي جئين عوام ڏانهن وسيلا ۽ روزگار منتقل ٿئي ۽خوشحالي اچي. ليڪچر پروگرام ۾ سنڌ اڀياس اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر رياض شيخ، سارنگ جويو ۽ امين جويو به موجود هئا.