گورنر پاران نصير سومري جي عيادت،مالي امداد جو چيڪ ڏنو

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري گلستان جوهر جي خانگي اسپتال پهتو، ايشيا ۾ ڊگهي قد واري شخص نصير  سومرو جي عيادت ڪئي، گورنر سنڌ کانئس ڊاڪٽرن پاران فراهم ڪيل علاج جي سهولتن بابت پڇا ڪئي، گورنر سنڌ چيو ته نصير سومرو اسان جو قومي اثاثو آهي، سندس سار سنڀال ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وڃي، سنڌ جي گورنر نصير سومرو کي مالي امداد جو چيڪ پڻ ڏنو. نصير سومرو مسلسل ماهوار مالي سهڪار تي گورنر سنڌ جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو ميمبر فرحان چشتي به موجود هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.