ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڊي ايڇ اي ۾ گهٽ عمر واري ڊرائيور پوليس ڪانسٽيبل مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏي، زم زما اسٽريٽ واري علائقي ۾ ڪار جي ٽڪر ۾ پوليس اهلڪار ڪامران فوت ٿي ويو، ڪراچي جي علائقي زم زما اسٽريٽ تي ڪار جي ٽڪر ۾ پوليس اهلڪار مارجي ويو، جنهن بعد پوليس نوجوان ڪار ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل اهلڪار وٽان هٿيارن جو هڪ خط مليو آهي، خط موجب اهلڪار جو نالو ڪامران هو ۽ سندس تعلق سڪيورٽي زون ون سان آهي. ڊرائيور پنهنجي بيان ۾ چيو ته هو پوليس اهلڪار پاڻ هلائي رهيو هو ۽ ونڊ اسڪرين کي گهڙي ويو، زم زما اسٽريٽ تي پوليس اهلڪار جي مارجي وڃڻ واري ڪيس ۾ نوجوان پنهنجي بچاءُ ۾ چيو ته هن مون کي نه پر اهلڪار پاڻ منهنجي گاڏي کي ٽڪر هنيو ۽ منهنجي ونڊ شيلڊ به ٽوڙي ڇڏي، پهرين هن چيو ته منهنجي عمر 17 سال آهي، شناختي ڪارڊ ناهي ٺهيو ۽ ٻئي بيان ۾ نوجوان چيو ته شناختي ڪارڊ ٺاهيو ويو آهي. منهنجو گهر زم زمان تي آهي، مان يوٽرن کڻي اچي رهيو هوس ته سامهون کان هڪ شخص روڊ جي ڀر ۾ آيو، مون ان کي ڏٺو ۽ بريڪ لڳائي، پهرين کاٻي ۽ پوءِ ساڄي ٿيو، نوجوان بيان تبديل ڪندو رهيو.