ڪراچي ۾ سڪرنڊ ڀرسان ٻن ڀائرن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب اڳيان سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي سابقي  واسي مقتول ٻن ڀائرن وسيم سابقي ۽ صدورو سابقي جي والد  لکانو سابقي، طوطو سابقي، غلام سرور سابقي ۽ ٻين وارثن احتجاج ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو  ته ٻن شاگردن کي قتل ڪندڙ ٻن پوليس اهلڪارن  کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ رمضان مهيني ۾ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران پاڻ تي پيٽرول هاري خودڪشي ڪندا ، جنهن جا ذميوار آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ڊي ايس پي سڪرنڊ هوندا. مظاھرين چيو ته ڳوٺ ماڙي سابقي جي پوليس چوڪي قاتلن ۽ ڏوهارين جي اوطاق بڻيل آهي، قاتل پوليس آڏو آزاد گهمي رهيا آهن، اھي جوابداراسان مقتول ڀائرن جي وارثن کي ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، جنھن ڪري ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪري رهيا آهيون. هنن وڌيڪ چيو ته سڪرنڊ ۾ احتجاج ڪندي مقتول نوجوان جي پيءُ خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، جيڪڏهن جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته پوءِ ڪراچي ۾ پڻ اجتماعي خودڪشي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.