بجلي ۽ گئس چورن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو، ٽيمون جوڙيون ويون

اسلام آباد (م  ڊ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ بجلي ۽ گئس چورن خلاف ڪريڪ ڊائون  جو فيصلو ڪيو ويو. وفاقي گهرو وزير جي هدايت تي بجلي ۽ گئس چورن خلاف ڪريڪ ڊائون لاءِ اسپيشل ٽيمون جوڙيون ويون آهن ۽ محسن نقوي ايف آءِ اي کي ان حوالي سان خاص ٽاسڪ به ڏنو آهي.محسن نقوي بجلي ۽ گئس چوري ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ايف آءِ اي عملدارن ٻڌايو ته ريفرنس ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي سان پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ بهتري آئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.