ڊي آءِ خان(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو چوڻ آهي ته هو آخري وارننگ ڏئي رهيو آهي ته وفاق ۽ پنجاب حڪومت پنهنجي حرڪتن کان مڙي وڃن. پنهنجي وڊيو بيان ۾ هن چيو ته جيڪڏهن هنن پنهنجون حرڪتون نه بند ڪيون ته پوءِ ڏسان ٿو ته اهي ڪيئن حڪومت هلائي سگهندا،علي امين گنڊاپور وڌيڪ چيو ته مريم نواز مينڊيٽ چوري ڪري وزيراعليٰ بڻي آهي، مريم نواز پنهنجي حدن ۾ رهي.هن چيو ته منهنجي ۽ اسان جي ڪارڪنن خلاف داخل ايف آءِ آرز 99 سيڪڙو ڪوڙيون آهن. اسان جي ماڻهن کي نشانو بڻائي جيلن ۾ وڌو ويو آهي. ماڻهو اڃا تائين جيلن ۾ آهن. جيڪڏهن همت آهي ته مون کي گرفتار ڪري ڏيکاريو. منهنجي صوبي جا ماڻهو ڄاڻن ٿا ته پنهنجو ۽ پنهنجي وڏي وزير کي ڪيئن بچائڻو آهي. اچو ۽ مون کي گرفتار ڪريو ته خبر پوي ته انهن ۾ ڪيترو زور ۽ ڪيترو دم آهي، هن چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري خلاف ڊي آءِ خان ۾ غداري جا ڪيس داخل آهن اهي وارنٽ جاري ڪري سگهون ٿا ۽ انهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس موڪلي سگهون ٿا، اهي ماڻهو صوبن کي بين الصوبائي معاملن ۾ ويڙهائڻ چاهين ٿا.