ڊاڪٽر اظھر علي شاھ جي ڪتاب ”سائنس، ادب ۽ آرٽ“ تي هڪ نظر

تحرير : ڊاڪٽر سڪندر مغل

هي ڪتاب، مانواري ڊاڪٽر اظهر علي شاھ جي مختلف وقتن تي لکيل مضمونن ، تاثرن، تقريرن ۽ مقالن تي سهيڙيل آهي جن جو ڪل تعداد 91 ٿئي ٿو ۽ جيڪو سائنس، ادب آرٽ جي عنوان سان ڇپجي رهيو آهي. علمي درسگاھ سنڌ يونيورسٽي لاڙڪاڻي ڪيمپس جي بطور پرو وائيس چانسلر، ڊاڪٽڙ اظهر علي شاھ جتي ان اداري ۾ تعليمي سرگرمين کي چوٽ چاڙهيو آهي، اتي هن غير نصابي ۽ هم نصابي سرگرمين ۾ به شاگردن ۽ شهر جي اڪيڊميا ۽ انٽليڪچوئلس کي شريڪ ڪيو آهي. هن سلسلي ۾ هن اداري ۾ سندس ذهن جي تخليق  سائنس ادب آرٽ سوسائٽي جو 17 فيبروي 2020ع تي قيام عمل ۾ آيو. ان سوسائٽيءَ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ ڪانفرنس به منعقد ڪئي ۽ رنگين آن لائين مئگزين به باقائده ڇپائي رهي آهي.

سائنس، آرٽ ۽ ادب کي هڪ ٻئي سان ملائڻ ۽ کين هم آهنگ بنائڻ اڄ جي تيز ترين مشيني ۽ مادي زندگيءَ لاءِ بيحد اهم آهي جنهن کي ڊاڪٽر اظهر علي شاھ محسوس ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ ۾ هن هلچل ڪئي آهي. هي سنڌ جو علمي، ادبي سائنسي ۽ فڪري دنيا ۾ اهم اڳڀرائي ليکي ويندي، جنهن جو سهرو ڊاڪٽر اظهر علي شاھ جي سر تي سجندو.

سائنس ۽ آرٽ ٻئي هڪ ٻئي سان گڏ وجود ۾ آيا آهن ۽ انساني تهذيب جي ترقيءَ سان ٻنهي اوسر ڪئي.  قديم غارن ۾ چٽيل تصويرن ۽ باھ جو استعمال ٿورو گھڻُو همعصر هئا ۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪندڙ انساني سرگرميون هيون . ادب کي جذبن سان ڳنڍيو ويندو آهي ۽ سائنس کي عقل سان، پر ٻنهي جو بڻ بڻياد تصور يا تخيل آهي. سائنس فڪشن اڄ ادب جي هڪ خاص ۽ الڳ شاخ بڻجي چڪو آهي. سائنس جي ترقي فنون لطيفه جي دنيا ۾ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو آهي. سائنس عقل تي بيٺل هجي  ٿي ۽ ادب جذبن تي. جهڙي نموني هڪ انسان جي چڱ ڀلائي تڏهن ممڪن هوندي آهي، جڏهن هن جو دماغ ۽ دل ٻئي سٺي نموني ڪم ڪندا آهن تهڙي نموني انساني سماج جي چڱ ڀلائي ان ۾ آهي ته ان جو دماغ يعني سائنس ۽ ان جي دل يعني ادب ۽ آرٽ، هڪ ٻئي سان هم آهنگيءَ ۾ ڪم ڪن ۽ اهو ئي ڊاڪٽر اظهر علي شاھ جو پيغام آهي.

هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر اظهر علي شاھ صاحب ڪيترن ئي اهم موضوعن تي پنهنجو قلم کنيو آهي، جن ۾ سائنس، ادب، آرٽ، ڪمپيوٽر، فلسفو, مصنوعي ذهانت، سياست ۽ ٻولي شامل آهن. کين نه رڳو مذهبي فلسفي جي وسيع ڄاڻ آهي، پر سائنس، ڪمپيوٽر ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجيءَ تي به سٺي دسترس حاصل آهي. ڪافي مضمونن ۾ هو، سائنس ۽ مذهب کي ملائڻ ۽ هم آهنگ ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪري ٿو. ٿورن لفظن ۾ هيئن چئجي ته سندن ڄاڻ انسائيڪلوپيڊڪ آهي.  هي مضمون ان ڳالهه جو به ثبوت آهن ته ڊاڪٽر اظهر علي شاھ باوجود هڪ اعليٰ تعليمي اداري جي مصروف سربارھ هجڻ جي، سنڌ جي ادبي، سائنسي ۽ فڪري محاذن تي پڻ ڪيترا نه سرگرم نظر اچن ٿا.

پنهنجي "صوفيت، سائنس ۽ سنڌ جي سڳنڌ“ مضمون ۾ هو، صوفيت کي سائنس ۽ سنڌوماٿريءَ جي تهذيب سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هن ئي مضمون ۾ ڊاڪٽر صاحب ڪائنات جي پيدائش جي هيل تائين مڃيل سائنسي نظريي کي قرآن مان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هو، لکي ٿو ته: ”پهرين نور مان ملائڪ ۽ روح ٺهن ٿا. جنهن بعد سج جهڙا سيارا ٺهن ٿا، جيڪي باهه پيدا ڪن ٿا ۽ باهه مان جن پيدا ٿين ٿا ۽ ان کانپوءِ پاڻي وجود ۾ اچي ٿو ۽ پاڻي ۽ زمين جي ميلاپ سان نباتات ۽ حيوانات وجود وٺن ٿا“. ھن قسم جي موضوعن تي اڃان وڌيڪ کوج جي ضرورت آھي. ساڳي طرح سان ”جدلياتي ماديت، سوشلزم ۽ مذهب جو سنگم“ مضمون ۾ ڊاڪٽر اظهر علي شاھ جدلياتي ماديت ۽ سوشلزم کي مذهب سان هم آهنگ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنھن تي پڻ وڌيڪ کوجنا جي ضرورت آھي.

ڊاڪٽر اظهر علي شاهه پنهنجي مضمونن ۾ نه رڳو سرڪاري ادارن جي اوڻاين ۽ کوٽن جي نشاندهي ڪري ٿو پر ان سان گڏ انهن کي بهتر ڪرڻ جون سٺيون صلاحون ۽ تجويزون به آڇي ٿو. ”اوقاف کاتي کي ثقافت کاتي ۾ ضم ڪرڻ کپي….ثقافت کاتي طرفان درگاهن کي جديد ثقافتي پارڪن ۾ تبديل ڪري عوام لاءِ سياحت  ۽ تفريح جا ذريعا پيدا ڪري، سجاده نشين ۽ گادي نشينن جو خاتمو ڪرڻ گھرجي“. ٻئي هنڌ هو پاڪستان ۾ بلدياتي نظام کي عوام لاءِ فائديمند ڪيئن ڪجي؟ تي پنهنجون تجويزون ڏئي ٿو. نئين سنڌ ۽ نئين پاڪستان مضمون ۾ هو، يورپ جي ريناسينس تحريڪ جيان هڪ تحريڪ جي ڪوٺ ڏئي ٿو. ڪمپيوٽر ۽ سنڌي ٻولي مضمون ۾ هو، سنڌي ٻوليءَ کي ڪمپيوٽر جي ٻوليءَ ۾ تبديل ڪرڻ ۽ ان جي ڪيترن ئي پروگرامن جو حصو بنائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، جنهن تي ڪمپيوٽر ماهرن کي ڪم ڪرڻ گھرجي. انڊس اسڪرپٽ کي مصنوعي ذهانت ذريعي سمجھي وڃڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. مان سمجهان ٿو ته هي ڪتاب پڙهندڙن لاءِ تمام گھڻو فائديمند، اتساهيندڙ ۽ معلومات سان ڀريل ثابت ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.