سڌريل ملڪن ۾ عورتن جي سماجي ۽ سياسي طور برابري جي حوالي سان ملڪي سطح تي پاليسيون جوڙيون وينديون آھن گڏوگڏ قانونسازي ڪئي ويندي آھي. اسڪول، ڪاليجن کان ويندي يونورسٽن۽ مختلف شعبن ۾ ڇوڪرين توڙي عورتن جي نمائندگي ھوندي آھي. پر بد قسمتي سان اسانجي ملڪ ۾ عورتن جي نمائندگي اٽي ۾ لوڻ برابر آھي. ان ھوندي به اسان جون فيمنسٽ عورتون توڙي سماجي ادارا ۽ چونڊجي آيل اسمبلي ميمبر وڏي واڪي اھو چوندا آھن ته اسان عورتن کي نمائندگي ڏني آھي.
ڪھڙي نمائندگي ڏني اٿو؟ اڄ به عورت کي توھان پنھنجن فيصلن جو غلام بڻائي رکيو آھي. ڀلا جن عورتن کي توھان نمائندگي ڏني آھي ۽ صوبائي توڙي مرڪزي اسمبلي ۾ نمائندگي ڏني آھي انھن عورتن سماج جي ٻين متاثر عورتن توڙي مظلوم عورتن لاءِ ڇا ڪيو آھي؟ انھن چونڊيل عورتن ڇا مظلوم عورتن ۽ ظلم توڙي بربريت جو شڪار ٻين عورتن کي انصاف ڏياريو آھي؟ منھنجي نظر ۾ بلڪل به نه ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ نه جھموري نظام ھلي سگھيو آھي نه ئي انصاف جي نظام کي ھلڻ ڏنو ويو آھي. عورتن کي انصاف ڏيارڻ به حڪومتي پاليسين جي ترجيح ۾ شامل ناھي.
حڪومت ھميشه مظلوم عورتن سان مذاق پئي اڏايو آھي. عورتن جي مسئلن جي باري سوچجي ٿو ته دماغ چڪرائيجي وڃي ٿو. اسان جي ملڪ ۾ جيڪو عورتن سان ڪيو وڃي ٿو اھو ھر روز تي پري جي ڳالهه آ پر ھر گھڙي اھي خبرون ٻڌڻيون ٿيو پون ڦلاڻي ھند عورتن کي ڪارو ڪيو ويو آ ڪٿي ننڍڙين نياڻن ۽ عورتن سان ڏاڍائي ڪئي وڃي ٿي. بي جوڙ شاديون۽ زبردستي واريون شاديون ڪرايون وڃن ٿيون ان کان علاوه ڪيترين سياسي ، سماجي مسئلن ۾ عورتن کي لوڙايو وڃي ٿو.
سو صحت مند معاشري جوڙڻ لاءِ مثبت سوچ ۽ عملي ڪم جي تمام سخت ضرورت آهي جنھن کان پوءِ ئي عورتن تي تشدد ۽ ھراسمينٽ گھٽ ٿيندي. عورتن جي مسئلن کي نظر انداز ڪرڻ ۽ قانون صرف ڪاغذن جو سينگار بڻيل ھجن اتي عورت جي باري ۾ مثبت سوچ ڪڏهن به پيدا نٿي سگهي.