جنرل باجوا ۽ فيض حميد خلاف ڪيس جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد(م ڊ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا،اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل فيض حميد ۽ ٻن صحافين  خلاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي مبينه ڀڇڪڙي تي ايف آءِ اي ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي، رٽائرمينٽ کان پوءِ قانوني رڪاوٽ ٽوڙڻ ۽ مختلف ايونٽس کي غلط بيان ڪرڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 25 مارچ تي ٿيندي،درخواست تي عدالت،ايف آءِ اي، جنرل(ر) قمر جاويد باجوا ۽ جنرل(ر) فيض حميد کي نوٽيس جاري ڪري رکيو آهي،ان کان علاوه عدالت صحافي جاويد چوڌري، شاهد ميتلا ۽ پيمرا کي به نوٽيس جاري ڪيو آهي،درخواست ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته جنرل باجوا جو غيرذميواراڻي انداز ۾ انٽرويو ورتو ويو، انٽرويو ۾ ڪيل انڪشاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڇڪڙي آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.