صدر سان آمريڪي سفير جي ملاقات، واپاري لاڳاپا وڌائڻ چاهيون ٿا: آصف زرداري

اسلام آباد (م ڊ) صدر آصف علي زرداري آمريڪا سان واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن  وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل سهڪار جا موقعا ڳولڻ گهرجن.  ”اي پي پي“ موجب پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم صدر آصف علي زرداري سان ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان جا آمريڪا سان 7 ڏهاڪن کان پراڻا ۽ بنيادن لاڳاپا آهن، جن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي پهرين ترجيح پنهنجي معيشت کي صحيح رخ تي آڻڻ، معاشي ۽ سڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ آهي. هن چيو ته آمريڪي واپارين کي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ همٿائڻ گهرجي ۽ ملڪي معيشت ۾ نوان ڪاروباري خيال آڻڻ گهرجن. موسمياتي تبديلي هڪ عالمي مسئلو آهي ۽ پاڪستان ان جي ناڪاري اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي اصف علي زرداري چيو ته پاڪستان آبپاشي جا جديد طريقا اختيار ڪري پنهنجي زرعي شعبي کي بهتر بڻائڻ چاهي ٿو. آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا واپار ۽ سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، توانائي، زراعت ۽ سڪيورٽي جي شعبن ۾ ٻه طرفا تعاون وڌائي سگهن ٿا. هن چيو ته آمريڪا پاڪستان جي تعليم جي شعبي کي مضبوط ڪرڻ ۽ اسڪولن جي تعمير لاءِ سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام مڪمل ڪيو آهي. آمريڪي سفير صدر کي ٻيو ڀيرو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.