عمران خان کي جيل ۾ رکڻ  ملڪ لاءِ نقصان ڪار ثابت ٿيندو : سهيل وڙائچ

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)ناليواري صحافي  سهيل وڙائچ چيو آهي  عمران خان کي جيل ۾ وجهڻ ملڪ ۽ عوام لا۽ نقصان ڪارثابت ٿيندو، هائبرڊ نظام سان ملڪ جي ترقي نه ٿيندي بلڪه  معشيت لاءِ تباهي  ثابت ٿيندو، ڀارت جي ترقي جو راز جمهوريت جو تسلسل آھي، پر اسان پنهنجي جمهوري وزيراعظمن  کي سدائين جيل ۾ وجهي پنهنجو ئي نقصان  ڪيو آھي، هن چيو ته جمهوري حڪومتن کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ گهرجي ۽ جمهوري اڳواڻن جي خراب ڪارڪردگي مان تنگ ٿي ٻين طاقتن کي ملڪي واڳون سنڀالڻ لاءِ دعوتون نه ڏيڻ گهرجن ۽ غير جمهوري قوتن جي ملڪ جون واڳون سنڀالڻ تي مٺايون نه ورهائڻ گهرجن، خراب جمهوريت  ٻئي ڪنهن نظام کان سو دفعا ڀلي آھي، هوريان هوريان جمهوريت پنهنجو ثمر ڏيندي، سڀني سياستدانن، ججن، جرنيلن ۽ صحافين غلطيون ڪيون پر اڃان تائين سبق نه ٿا پرايون، ملڪي معشيت جي بهتري لاءِ مفاهمت ڪري نظام هلايو وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.