ڪراچي(رپورٽر) پ پ جي سنڌ سرڪار ٺهڻ بعد بيورو ڪريسي ۾ وڏي پئماني تي تبديليون شروع، خزاني، آبپاشي، تعليم کاتن سميت اهم کاتن جا سيڪريٽري تبديل، چيف سيڪريٽري پاران جاري ڪيل نوٽيفيڪشن موجب خزاني کاتي جي 21 هين گريڊ جي سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم جتوئي کي بدلي ڪري سيڪريٽري آبپاشي لڳايو ويو، بعد ۾ ڊاڪٽر ڪاظم جتوئي جو ڪيل آرڊر واپس ڪري ظريف اقبال کيڙو کي آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر زاهد علي عباسي کي بدلي ڪري اسڪول ايجوڪيشن کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جتان ڊاڪٽر شيرين مصطفيٰ کي رپورٽ ڪرايو ويو آهي، حيدرآباد جي ڪمشنر خالد حيدر شاهه کي بدلي ڪري لوڪل گورنمينٽ اينڊ هائونسگ ٽائون پلاننگ کاتي ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جتان منظور علي شيخ کي سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن ۾ رپورٽ ڪرايو ويو آهي، چيف منسٽر انسپيڪشن ٽيم جي چيئرمين رفيق احمد ٻرڙو کي بدلي ڪري سيڪريٽري زراعت اينڊ سپلاءِ پرائيسز مقرر ڪيو ويو جتان اعجاز علي شاهه کي بدلي ڪري سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز مقررڪيو ويو آهي. پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل فرحت علي جوڻيجو کي انڪوائريز اينڊ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، جتان ذوالفقار علي شاهه کي رپورٽ ڪرايو ويو آهي، 21 هين گريڊ جي بقاءَ الله انڙ کي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو مقرر ڪيو ويو آهي. وفاقي حڪومت کان خدمتون ورتل 21 هين گريڊ جي فياض احمد جتوئي کي خزاني کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جي اسپيشل سيڪريٽري بخش علي مهر کي رپورٽ ڪرايو ويو آهي، لوڪل گورمنيٽ جي ايڊيشنل سيڪريٽري سيد محمد علي شاهه کي بدلي ڪري گهوٽڪي جو ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي. انڊسٽريز کاتي جي ڊائريڪٽر امتياز علي ابڙو کي بدلي ڪري ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ مقرر ڪيو ويو آهي، جتان شهزاد افضل عباسي کي هٽائي رپورٽ ڪرايو ويو آهي.