ڪنڌ ڪوٽ/ تنگواڻي (رپورٽ: ممتازسنڌي/ مهتاب ملڪ) ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ بدامني جي باهه ٻري وئي، بدامني خلاف بندوق کڻي اسڪول ويندڙ استاد ڦر دوران مزاحمت تي قتل، لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو، ڪنڌ ڪوٽ ضلعي مان امن جو پکي اڏامي ويو ڪجھه ڏينهن اڳ تعلقي تنگواڻي جي ڳوٺ کنڊو خان نندواڻي واسي استاد الله رکيو نندواڻي جيڪو عام ماڻهن، علائقي واسين ۽ پوليس انتظاميا لاءِ نوگو ايريا بڻيل مگسي اسٽاپ کان ٿيندي ڳوٺ اڳوڻو ايم اين اي مرحوم نصر الله خان بجاراڻي اسڪول ۾ پڙهائيندو جتي بدامني عورج تي ٿيڻ بعد استاد ڪجھه ڏينهن اڳ موٽرسائيڪل تي پٽ سان گڏجي اسڪول کان واپسي تي بندوق کڻي امن امان جي صورت حال تي ويڊيو ڀري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي، استاد جو چوڻ هو ته اسان پنهنجي تحفظ لاءِ ھٿيار کنيا آهن روز روز ڦرون ٿين ٿيون، اسڪول نه وينداسين ته ٻارن کي پڙهائيندو، ڪالهه استاد الله رکيو نندواڻي کان ڪرمپور ڀرسان ھزارو شاخ وٽ ھٿياربندن روڪي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت تي استاد کي گوليون ھڻي قتل ڪري ھٿياربند فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس جيڪا ڏوھاري آڏو ته بي بس آهي، پھچي ڪري مقتول استاد جو لاش کڻئي ڪرمپور اسپتال پھچايو جتي قانوني ڪاغذي ڪارروائي بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو وارثن استاد جو لاش رکي ڪنڌ ڪوٽ ، ٺل روڊ مگسي اسٽاف وٽ بند ڪري ڇڏيو روڊ جي ٻنھي طرفن کان گاڏين جون وڏيون قطاريون لڳي ويون، مقتول استاد جي ڀائرن مٺل نندواڻي، مولابخش نندواڻي چيو ته ڏوھارين وڏو ظلم ڪيو آهي انھي روڊ تي ڪو به محفوظ ناهي، روز روز ڦر ٿين ٿيون ۽ ڏوھاري بنا خوف جي مزاحمت تي قتل به ڪري رھيا آهن اسان سان انصاف ڪيو وڃي، جڏهن ته ڊي ايس پي تنگواڻي جي اڳواڻي ۾ پوليس پھچي مظلوم مظاھرين سان ھر سهڪار ڪرڻ جو يقين ڏيارڻ بعد ٽن ڪلاڪن کان جاري ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ٻئي پاسي استاد جي قتل جو گھرو وزير ضياء لنجار نوٽيس وٺي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان واقعي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
-
شڪارپور ۾ ڏوهاري راڄ: بدامني خلاف گوپانگ برادري جو ڌرڻو
شڪارپور(ڊ ر) شڪارپور ۾ ڏوھاري راڄ قائم ، اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد ڪڙي نواب واري علائقي مان عبدالحميد گوپانگ کان سي ڊي موٽرسائڪيل ڦر واري واقعي کانپوءِ گوپانگ برادري جيڪب آباد باءِ پاس تي ڌرڻو ٽائرن کي باھيون ڏنيون، گوپانگ برادري الاھي بخش گوپانگ، رئيس داد محمد گوپانگ، شاھد گوپانگ، عبدالحميد گوپانگ ۽ ٻين چيو ته شڪارپور ۾ پوليس جي رٽ ڪمزور ٿي وئي آھي، ڌاڙيل ڏوھاري طاقتور بڻجي سري عام شھر مان ڦرون ڪري آساني سان فرار ٿي وڃن پيا، پوليس انھن خلاف ڪک ڀڃي ٻيڻو به نه ڪيو آهي، ھڪ مھيني ۾ اسان جون 3موٽرسائيڪلون ڦر ٿي ويون آھن پر پوليس ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، گذريل ڏھاڙي به اسٽورٽ گنج ٿاڻي ڀرسان اسان جي موٽرسائيڪل ڦر ٿي وئي اسان ڦورن جا پيرا کنيا جيڪي وڃي بروھي برادري جي ڳوٺ ۾ لڳا آھن پر پوليس ڪاروائي ڪرڻ کان لنوائي رھي آھي، ايس ايڇ او اسٽورٽ گنج ذوالفقار چنو چورن سان ٻٽ بڻيل آھي، ھنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي ڏنيون وڃن.
تيستائين ڌرڻو جاري رھندو.
-
گهوٽڪي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيرسن قتل
گهوٽڪي/ عادلپور (نمائندن وٽان) گهوٽڪي ويجهو خانپور لنڪ روڊ تي هٿياربندن گوليون هڻي پيرسن کي قتل ڪري ڇڏيو، عادلپور ٿاڻي جي حد خانپور مهر لنڪ روڊ تي مٺڙي واهه اسٽاپ ڀرسان ھٿياربندن گوليون ھڻي ھڪ ڄڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال منتقل ڪرايو جتي مقتول جي سڃاڻپ يارو لنڊ واسي 55 سالن جي گلاب ملڪ طور تي ٿي، پوليس موجب واقعو ذاتي دشمني تان پيش آيو آهي، وڌيڪ واقعي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي، مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.
-
ڪنڌڪوٽ ڀرسان اغوا ٿيل روهڙي واسي ٽن مغوين جي آزادي لاءِ سکر ۾ احتجاج
سکر(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل روهڙي واسي ٽن مغوين جي بازيابي لاءِ شيخ برادري ۽ سول سوسائٽي پاران سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاج، ڪنڌ ڪوٽ مان اغوا ٿيل ميرخان شيخ، سهراب شيخ ۽ علي شير شيخ جي آزادي لاءِ بشير احمد شيخ، غلام علي، عنايت الله، عاشق حسين شيخ ۽ ٻين سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو، مغوين جي وارثن ۽ شهرين چيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ روڊ تي مزوري ڪندڙ پورهيت ميرخان پٽ ڪوڙو خان شيخ، سهراب پٽ مير حسن شيخ ۽ علي شير پٽ گلشير شيخ کي رمضان شريف جي پهرين روزي تي ڊاڪٽر نصير بجاراڻي جي اوطاق تان اغوا ڪيو ويو، 7 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود ايس ايس پي ڪشمور ۽ ڪنڌ ڪوٽ پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، صرف ڪوڙا دلاسا ڏنا وڃن ٿا، هنن آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ڪشمور ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته جلد مغوين کي آزاد ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
-
شڪارپور: ڌاڙيلن جي بربريت،مغوي کي گوڏي ۾ فائر،وڊيو وائرل
شڪارپور (رپورٽ: ذوالفقار مگسي) شڪارپور شهر جي نيو فوجداري ٿاڻي جي حد ڳوٺ جنو شريف واري علائقي مان اغوا ڪيل ٻن پورهيت نوجوانن منظور ۽ معشوق لاشاري مان هڪ نوجوان منظور لاشاري کي اغوا ڪارن گوڏي ۾ گولي هڻي ڇڏي آهي، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي; جنهن سبب سندن وارثن ۾ شديد ڏک ۽ ڳڻتيء جي لهر پڻ ڇانيل آهي، وائرل ٿيل وڊيو ۾ مغوي ڌاڙيلن کي خدا جا واسطا ڏيئي هٿ ٻڌي رهيو آهي ته ٻيلي مون تي رحم ڪيو مونکي نه ماريو پر ايتري ۾ فائر جو آواز اچي ٿو ۽ کيس گوڏي ۾ گولي هنئين وڃي ٿي، وائرل ٿيل وڊيو ۾ مغوي چئي رهيو آهي ته خدا جي واسطي هنن ظالمن کي 20 لک ڀنگ ڏيو نه ته هي کين قتل ڪري ڇڏيندا،سندن وارثن جو چوڻ آهي ته سندن ئي برادري جي شخص ڏي ڪجھ پئسا رهتو هئا جنهن پئسا ڏيڻ لاءِ نوجوانن کي مبيناطور ڪال ڪري نوجوانن کي گهرايوهو جنهن بعد هو اغوا ٿي ويا هئا،يادرهي نيوفوجداري ٿاڻي جي حد ساڳي ئي علائقي جني ڳوٺ مان اغوا ٿيل ٻن الڳ الڳ واقعن ۾ 4 مغوي منظور معشوق ٻئي لاشاري، اسرار ۽ علي نواز ٻئي بروهي ڪيترن ئي ڏينهن کان ڌاڙيلن وٽ ڀنگ لاءِ قيد بڻيل آهن،جڏهن ته ٽي ڏينهن اڳ به مغوي منظور ۽ معشوق لاشاري جون تشدد ڪندي ڌاڙيلن الڳ الڳ وڊيوز وائرل ڪيون هيون جنهن بعد اڄ ظلم جي انتهاء ڪندي هڪ نوجوان کي گولي هنئين وئي آهي،ان حوالي سان لاڳاپيل ٿاڻي نيوفوجداري پوليس جو موقف ڄاڻڻ لاء ايس ايڇ او اطهر چني کي سندس موبائل نمبر تي ڪيترائي ڀيرا ڪال ڪئي پر هن ڪال اٽينڊ ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي،ڊي ايس پي هيڊ ڪوارٽر محمد علي سومري واقعي لاعلمي جو پڻ اظهار ڪيو.
-
سنڌ جو امن تباھ ڪيو ويو آهي، ڪير به محفوظ ناهي:صنعان قريشي
ڪراچي(پ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته هڪ طرف وقت جا حڪمران سنڌ جا وسيلا لُٽي، ڦري رهيا آهن، جنهن سبب سنڌ ۾ بک، بدحالي زور وٺي رهي آهي، ٻئي طرف سنڌ جو امن تباھ ڪيو ويو آهي، شهرن ۽ ڳوٺن ۾ دهشت ۽ وحشيت جو راڪاس گهمي رهيو آهي، ماڻهو اغوا پيا ٿين، قتل ڪيا پيا وڃن، ڪير به محفوظ آهي، ڪنڌ ڪوٽ جي علائقي غوثپور ۾ استاد الله رکيو نندواڻي کي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن جي مذمت ڪندي گُهر ٿا ڪيون ته اُستاد جي قاتلن کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي ۽ سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ پوليس کي فرض شناس ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته سڄي سنڌ مان خبرون اچن پيون ته پوليس امن امان، پيدا ڪري ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ بدران شهرن ۽ ڳوٺن ۾ منشيات جو ڪاروبار ڪري پئي،
-
پني عاقل ۾ بدامني خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، سوين ماڻهن جي ريلي
پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ)پني عاقل ۾ بدامني خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، پني عاقل مان سپر اسٽور مان ڦر ٿيڻ ، بشير آباد ۾ علي دوست گوپانگ جي گهر ۾ ڀاتين کي يرغمال بڻائي ڌاڙو هڻڻ، شهر جي جي ٽي روڊ، بائجي چوڪ تي دوڪاندارن کان ڦرن، وچ شهر مان روزاني موٽر سائيڪلون کسڻ ۽ چوريون ڪرڻ خلاف شهرين ۽ سماجي اڳواڻن پاران شهري اتحاد جي چيئرمين غلام محمد مهيسر، عرفان ڏهر، اديب پريل دايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هاءِ اسڪول چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي سانول چوڪ کان ٿيندي بدامني خلاف نعريبازي ڪندي عيد گاھ چوڪ پھچڻ بند روڊ جي چئني پاسن کان ٽريفڪ جام ٿي وئي، مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا، جن تي بدامني نامنظور، چوريون ڌاڙا بند ڪريو جا نعرا لکيل ھئا، ان موقعي تي شهرين چيو ته پني عاقل ۾ بدامني جي باھ ٻري وئي آهي، ڏوھاري دڪان، گھرن ۽ روڊ رستن تان ڦرون ۽ ڌاڙا ھڻي رھيا آھن، پوليس اھڙي بدامني کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، آخر ۾ مظاھرين پاران لاڙڪاڻي ۾ استاد هدايت لوهار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڏنل ڌرڻي تي لٺبازي ۽ شيلنگ جي مذمت ڪندي شھيد هدايت لوهار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پڻ نعريبازي ڪئي وئي.
-
ميرپورماٿيلي ۾ بدامني: مغوي جي آزادي لاءِ احتجاج، ڌرڻو
ميرپورماٿيلو (رپورٽ: پريم راٺوڙ) ميرپورماٿيلو ۾ بدامني عروج تي پهچي وئي، ٻه ڏينهن اڳ اغوا ٿيل حسن اشفاق آرائين جي وارثن ۽ شهرين پاران بس اسٽاپ ميرپورماٿيلو وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ميرپورماٿيلو ۾ بدامني عروج تي پهچي وئي، اغوا ٿيل حسن اشفاق آرائين جي وارثن ۽ شهرين پاران بس اسٽاپ ميرپورماٿيلو وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نوجوان جي وارثن ۽ شهرين مستري اشفاق آرائين، گل حسن سومرو، مستري اعجاز چنا، طاهر علي ۽ ٻين چيو ته اسان جي نوجوان حسن اشفاق آرائين کي گذريل رات اغوا ڪري ويا آهن ۽ موٽر سائيل سيدپور بس اسٽاپ ويجهو اڇلائي نوجوان کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا آهن، جنهن جو پتو ناهي پئجي سگهيو، ايس ايس پي گهوٽڪي روحيل کوسو شام تائين مهلت ورتي آهي، اسان جي نوجوان حسن اشفاق آرائين جلد آزاد ڪرائي ڏنو وڃي،
ٻي صورت ۾ اسين نيشنل هاءِ وي بلاڪ ڪري نوجوان جي آزادي لاءِ ڌرڻو هڻنداسين.
-
ميرپورخاص: ڦر دوران قتل ٿيل نوجوان جو لاش ڪئنال مان نه مليو،ڌرڻو
ميرپورخاص(بيورورپورٽ) 4 مارچ 2024 تي ميرپورخاص کان ڳوٺ ويندڙ نوجوان صابو مري ڦورن پاران موٽرسائيڪل جي ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي نوجوان کي مبينا طور قتل ڪري لاش جمڙائو ڪئنال ۾ لوڙهڻ واري واقعي کي 8 ڏينهن گذرڻ جي باوجود پوليس پاران جمڙائو ۾ لوڙهيل نوجوان جي لاش جي ڳولا ۽ ڦر ۾ ملوث مُک جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهڻ تي نوجوان جي وارثن پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپورخاص جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي، ان موقعي تي نوجوان جي پيرسن والد سائينداد مري ۽ ٻين وارثن چيو ته پوليس جي نااهلي جي ڪري هن وقت تائين اسان جي نوجوان جو لاش هٿ نه اچي سگھيو آهي ۽ نه وري اغوا جي صورت ۾ کيس بازياب ڪرايو ويو آهي پوليس اسان کي صرف ٺلا دلاسا ڏيئي رهي آهي جڏهن ته پوليس ڦر ڪيل موٽرسائيڪل به پاٽويون وٽان هٿ ڪئي آهي پر ڦر ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا آهن هنن چيو ته جيڪڏهن ڦورن اسان جي نوجوان کي قتل ڪري لاش جمڙائو ۾ لوڙهيو آهي ته ان جو لاش 8 ڏينهن گذرڻ جي باوجود ڇو نه هٿ ڪري سگھيا آهن
-
اوٻاوڙو ڀرسان هانءُ ڏاريندڙ واقعو، وحشين هٿان روزي دار عورت سونا زيور ڦرڻ بعد قتل
اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) کنڀڙا ۾ بيواھ عورت مسمات ملوڪان کي روزي جي حالت ۾ بيدردي سان قَتل ڪيو ويو، وارثن پاران قاتلن جي گرفتاري لاءِ مريد شاخ ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، اوٻاوڙو ڀرسان مريد شاخ ڀرسان کنڀڙا جي حد ۾ افسوس ناڪ واقعو پيش آيو جتي ھڪ ڏينھن اڳ گم ٿيل کنڀڙا جي رھواسڻ پنجاھ ورھين جي عورت مائي ملوڪان زال غلام حيدر کنڀڙو کي ڏوھارين ڏينھن ڏٺي جو روزي جي حالت ۾ اغوا ڪري کڻي ويا، عورت جي ڪنن ۾ پاتل سونا والا لاھي گھٽا ڏئي بي دردي سان قتل ڪري لاش ڪمند جي فصل ۾ ڦٽو ڪيو ويو، تعلقي اسپتال اوٻاوڙو مان مقتولا عورت جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گھر پھچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو، وارثن پاران کنڀڙا پوليس جي نااھلي ۽ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو مظاھرين مريد شاخ چوڪ تي پھچي ٽائرن کي باھ ڏئي گڊو ڪشمور روڊ بند ڪري ڇڏيو جتي سنڌ ۽ پنجاب کان ايندڙ ويندڙ گاڏين جو قطارون لڳي ويون، ان موقعي تي مقتولا جي وارثن ثناءُ الله کنڀڙو افسر کنڀڙو ۽ ٻين چيو ته ظلم جي انتھا آھي، بدامني سبب اسان جون لڄون محفوظ نه آھن، ڏينھن ڏٺي جو اسان جي پيرسن عورت کي وحشين ھڪ ڏينھن اڳ اغوا ڪري ان جي ڪنن ۾ پيل سونا والا لاھي بيدردي سان گھٽا ڏئي قتل ڪري لاش ڪمند جي فصل ۾ اڇلائي ويا، پوليس ڪي به قدم نه کينا آهن، قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.
-
ڌاڙيل راڄ خلاف 24 مارچ تي احتجاج جو اعلان
سن ( ن ع آ ) سنڌ ۾ ڌڙيل راڄ، امن امان جي تباهي ۽ لاقانونيت مڙهڻ خلاف 24 مارچ تي جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي طرفان پر امن احتجاجي ڪيا ويندا ، جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي ڪنوينر ۽ جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض چانڊيو ، ڪارڪنن منٺار چولياڻي ، اياز خاصخيلي ، رزاق چانڊيو ، منٺار ڇڇر ، بچل سولنگي ، پرويز چانڊيون ٻين سان گڏ احتجاجي رابطا مهم جي سلسلي سن پهچي مزار جي ايم سيد تي حاضري ڀري دعائون گھريون ، ان موقعي تي رياض چانڊيي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ هٿرادو طرح ڌاڙيل اسٽريٽ ڪرائم ڪندڙ ڏوهاري مڙهيا ويا آهن، ، هاڻ سنڌ جو امن ڪير پيو تباھ ڪري اڄ ڪهڙي مافيا آهي حڪومت اهو اعلان ڪيو ته افغاني ۽ غيرملڪي ڪڍنداسين پر حڪومت ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪري سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن مان هندن کي ڪڍن پيا ، هن چيو سنڌ ۾ عام ڪاروبارڪندڙ توڙي استادن کي سرعام گولين جو بک بڻائيندي انهن کان ڀتا ورتا پيا وڃن پر حڪومت خاموش آهي 100 کان وڌيڪ سنڌ مان ماڻهن اغوا ڪري ڪيو ويوآهي پر قانون جي پاسداري ناهي ٿي سگهي اڳ ۾ اجمل ساوند کي قبيلائي دهشتگردي جي آڙ ۾ اغوا ڪري قتل ڪيو ويو هو ، اڄ ڪنڌ ڪوٽ ضلعي ۾ تعليم ۽ علم ڏيندڙ الهرکيو نندواڻي کي ڦورن قتل ڪيو آهي هن چيو ته رينجرس ۽ پوليس اربين رپيا امن جي نالي تي هڙپ ڪري ٿي پوءِ به سنڌ جا رهواسي محفوظ ناهن .