ڪراچي ۾ مبينا اغوا بعد هٿ آيل ٻارن جي ڊاڪٽر عاصم جي هدايت تي اسڪول ۾ داخلا

ڪراچي( رپورٽر ) نارٿ ناظم آباد ۾ غير مناسب روئي جي سبب گھر ڇڏي ڪري ويندڙ ٻارڙن ايان ۽ انابيا کي ضياء الدين اسڪول ۾  داخلا ملي وئي، ٻنھي ٻارن کي ڊاڪٽر ضياء الدين اسپتال جي چيئرمين ۽ پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين جي ھدايت تي اسڪول ۾ داخلا ڏني وئي انھن جي تعليمي خرچ ڊاڪٽر ضياء امدين اسپتال ٽرسٽ برداشت ڪندي. واضح رھي ته ڊاڪٽر عاصم حسين ٻنهي ٻارن کي اسڪول مان گريجويشن تائين مفت تعليم فراھم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو.

  1. علي امين گنڊاپور پاران عمران کي ڪي پي جي جيل ۾ منتقل ڪرڻ جي تجويز

لاهور (عوامي آواز نيوز )ناليواري وي لاگر  مبشر لقمان چيو آھي ته عمران خان کي وزير اعلي گنڊاپور  اڊيالا جيل کان خيبر پختونخواه جي ڪنهن به جيل منتقل جي تجويز ڏني آھي، پر هو ائين نه ڪري سگهندو ڇوته عمران خان کي خيبر پختونخواه جي پوليس يا عدالت سزا نه ڏني آھي، پهرين عمران خان کي بلوچستان جي مچ جيل منتقل ڪرڻ لاءِ خبرون گردش ۾ هيون، هوڏانهن گنڊاپور جي وزيراعظم شهبازشريف سان ملاقات تي عمران خان ناراضگي جو اظهار ڪيو، عمران خان گنڊاپور کي چيو ته ڪي پي ڪي جا فنڊ فون ڪري به حاصل ڪري پئي سگهيا،پر هن وزير اعظم سان ملاقات ڪري فوٽو به ڪڍرايو ۽ ٻين ن ليگ جي اڳواڻ سان ملاقات به ڪئي هن کي ائين نه ڪرڻ گهرجي ها،

  1. گٽر ۾ ٻار ڪرڻ وارو معاملو: 10 مهينن کان پوءِ قتل  جو ڪيس داخل

ڪراچي(م ڊ) گلشن اقبال بلاڪ 13 ڊي 2 رحمان اسڪوائر جي پٺيان ۽ عون هائيٽس جي سامهون ڪرڪيٽ کيڏندي 6 ورهين جو  ابيان والد عاطف الدين جي کليل مين هول ۾ ڪري گم ٿي وڃڻ جي واقعي جو ڪيس 10 مهينن کان پوءِ عزيز ڀٽي ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو، جنهن  ۾ واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جنهن ۾ ايڪس سي اين وقار، انجنيئر اعجاز زيدي، ميونپسل ڪارپوريشن جي اعليٰ عملدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي.

  1. فيصل واوڊا جي معاملي تي پارٽي ۾ اختلافن جون خبرون غلط  آهن: رئوف صديقي

ڪراچي(م ڊ)ايم ڪيو ايم  پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ رئوف صديقي چيو آهي ته فيصل واوڊا جي معاملي  تي پارٽي ۾ اختلافن جو خبرون غلط آهن، پارٽي جيڪو فيصلو  ڪندي سڀ کي قبول  هوندو،هن چيو ته  کيس اڳ به چيو هو ته ايم ڪيو ايم جوائنٽ ڪريو، هن چيو ته فيصل واوڊا غريبن  ۽ وچولي طبقي جي ڳالهه ڪري ٿو، هوءِ هڪ انقلابي ليڊر آهي ۽ ان جو سينيٽ اليڪشن ۾ آزاد حيثيت ۾ اميدوار هجڻ سياسي مصلحت آهي، هن چيو ته دعا آهي ته اهڙا انقلابي ماڻهو پارٽي ۾ اچن ۽ الله ڪري فيصل واوڊا  کي چونڊيو وڃي، ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ چيو ته سينيٽ جي چونڊن ۾ اسان 8 اميدوارن کي ميدان ۾ لاٿو آهي، پارٽي فيصلو ڪندي اليڪشن ڪير وڙهندو، لڪي ووٽ نه ڏينداسين،

  1. ننڍي چونڊ لاءِ آصفه ڀٽو زرداري جا نامزدگي ڪاغذ منظور

نوابشاهه(ڊ ر) نوابشاهه جي تڪ اين اي 207 جي سيٽ تي 21 اپريل تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ لاءِ پ پ جي اميدوار آصفه ڀٽو زرداري  جا  نامزدگي ڪاغذ منظور  ڪيا  ويا آهن. ڪاغذ منظور ٿيڻ کان پوءِ هوءِ ڪراچي لاءِ رواني ٿيندي ۽ ان سان گڏ   صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، ٻئي پاسي ذريعي ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان آصف علي زرداري جي بڻجڻ کان پوءِ ڇڏيل سيٽ اين اي 207 نوابشاهه تي پنهنجو اميدوار نه بيهارڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.