تڪراري بيان ڏيڻ تي شير افضل مروت طرفان ڪور ڪميٽي کان معذرت

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت تڪراري بيان تي ميمبرن کان  معذرت ڪري ورتي، خبر موجب پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر خان جي صدارت ۾  ڪور ڪميٽي ميمبرن شير افضل مروت ۽ بئريسٽر علي ظفر کي تڪراري بيان ڏيڻ کان منع ڪيو، ميمبرز جو چوڻ هو ته تڪراري بيانن سان پارٽي کي شديد نقصان جو منهن ڏسڻو پوندو، شير افضل مروت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪور ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته مرڪز ۽ صوبن ۾ ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي، پهريون جلسو اسلام آباد ۾ 30 مارچ تي ٿيندو، شير افضل مروت وڌيڪ چيو ته جيڪي به اڳتي فيصلا ٿينداد اهي ڪور ڪميٽي جي ذريعي ئي ٿيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.