بدين (رپوٽ:رازق ڏنو کوسو) عوامي آواز نندو شھر جي نمائندي شيراز ڪنڀار جي ننڍي ڀاء شھزاد ڪنڀار دوکي بازن کان تنگ ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو، شھزاد ڪنڀار کي سندن دوست ھڪ ھفتو اڳ نندو شھر ۾ ۾ مھر علي شاھ ۽ عمران قاصي کيس پنھنجي گھر گھرائي نوجوان شھزاد ڪنڀار کي نشو ڏيئي سندس موبائل ڦر ڪيو ان بعد کيس مسلسل بليڪ ميل ڪندا رهيا، جنهن بعد نوجوان شھزاد زندگي کان تنگ ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي نوجوان جي ڀاء عوامي آواز جي نندو شھر جي رپوٽر شيزار ڪنڀار اڳوڻي ايس ايس پي کي درخواست ڏيندي ان ۾ موقف اختيار ڪيو ته منھنجي ڀاء شھزاد کي چانھ پيارڻ بھاني جوابدارن عمران قاصي ء مھر علي شاھ پنھنجي گھرگھرائي چانھ ۾ نشي آور شيون ملائي سندس موبائل ڦر ڪيو بعد ۾ کيس مسلسل سندس موبائل جي شين کي وائرل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رهيا. انڪري اسان کي موبائل واپس ڪرائي جوابدارن خلاف ايڪشن کنيو وحي پر نندو پوليس سموري معاملي تي خاموش رھڻ سبب ڀاء به ذھني دٻا جو جو شڪار ٿيندو رھيو دل برداشت نه ٿيڻ سبب خودڪشي ڪري ڇڏي ٻئي طرف اھم ذريعن کان معلومات ملي آھي ته نوجوان خودڪشي کان اڳ ھڪ خط پنھنجي ھٿن سان لکيو آھي جنھن ۾ ھن پاڻ اھڙن ماڻھن جو ذڪر ڪيو آھي جيڪي سندس موت جا ذميوار آھي.