ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جو فائنل اڄ ملتان سلطانز ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ وچ ۾ کيڏيو ويندو.
پاڪستان سپر ليگ جي نائين سيزن جو فاتح ڪير ٿيندو، اِهو فيصلو اڄ رات ڪراچيءَ جي نيشنل بئنڪ ارينا اسٽيڊيم ۾ ٿي ويندو، ٻنهي ٽيمن ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ تياري مڪمل ڪري ورتي آهي.
اسلام آباد ٻه ڀيرا ٽرافي کٽي چڪي آهي، جڏهن ته ملتان سلطانز به هڪ ڀيرو پي ايس ايل جي چيمپيئن رهي چڪي آهي.
ملتان سلطانز پهرين ڪواليفائر ۾ پشاور زلمي کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهتي هئي جڏهن ته اسلام آباد ايليمينٽر ون ۾ ڪوئيٽا کي هارايو ۽ پوءِ ايليمينيٽر ٽو ۾ پشاور کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو.
You might also like