سليڪشن ڪميٽي کي بااختيار بڻائڻ جو فيصلو، پرڏيهي ڪوچ پهرين ترجيح

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي سليڪشن ڪميٽي کي وڌيڪ اختيار ڏئي بااختيار بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب، قومي ڪرڪيٽ سليڪشن ڪميٽي کي بااختيار بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ڇو ته پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي سليڪشن ڪميٽي کي بااختيار ڏسڻ چاهي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي چيئرمين سليڪشن ڪميٽي کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ جو ارادو رکي ٿو ۽ سليڪشن ڪميٽيءَ جي ڪنهن به معاملي ۾ مداخلت نه ڪندو.
ذريعن موجب، ڪپتاني بابت هاڻ سليڪشن ڪميٽي کي اختيار ڏنو ويندو، سليڪشن ڪميٽي سميت جنهن شعبي کي بااختيار بڻايو ويندو پڇاڻو به ان کان ئي ٿيندو، چيف سليڪٽر وهاب رياض سميت ٻين سليڪٽرن بابت هڪ هفتي اندر فيصلو ٿيندو.
قومي ٽيم جي ڪوچن جي مقرريءَ وارو معاملو به رولڙي جو شڪار آهي، انڪري هاڻي ٽيم جي ڪوچن جي جلد کان جلد مقرريءَ بابت حتمي فيصلو هڪ هفتي اندر متوقع آهي.
ذريعن موجب، پي سي بي هاڻ به پرڏيهي ڪوچن جي مقرري لاءِ پراميد آهي ڇو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي پهرين ترجيح ئي پرڏيهي ڪوچ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.