جڳ مشهور آمريڪي ريپر اسلام قبول ڪري ورتو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) رمضان جي ڀلاري مهيني دوران آمريڪي ريپر پروڊيوسر جوناٿن ايڇ سمٿ اسلام قبول ڪري ورتو.
لِل جون نالي سان مشهور جوناٿن ايڇ سمٿ گذريل جمعي واري ڏينهن ڪيليفورنيا ۾ قائم ڪنگ فهد مسجد جو دورو ڪيو، ان دوران هو سوين ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ ڪلمو پڙهي اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيو.
سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل ويڊيو ۾ آمريڪي ريپر کي مسجد جي پيش امام جي رهنمائي ۾ پهريان عربي ۽ پوءِ انگريزيءَ ٻوليءَ ۾ ڪلمو پڙهندي ڏٺو ويو .

 

View this post on Instagram

 

A post shared by The Shade Room (@theshaderoom)


ان کانپوءِ آمريڪي ريپر انسٽاگرام تي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن هاڪاري پيغام موڪليندڙ مداحن جا ٿورا مڃيا.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by LIL JON (@liljon)


پرڏيهي ميڊيا موجب، لل جون 1972ع ۾ جارجيا جي شهر اٽلانٽا ۾ ڄائو، انسٽاگرام تي کيس فالو ڪندڙڻ جو انگ هڪ ملين کان وڌيڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.