نواز شريف: آءِ ايم ايف جي چوڻ تي بجلي، گئس اڃا ڪيتري مهانگي ٿيندي؟ عوام جي صبر کي ڪيستائين آزمائيندا؟

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ن ليگ جي قائد نواز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي چوڻ تي بجلي ۽ گئس وڌيڪ ڪيتري مهانگي ٿيندي؟ عوام جي صبر کي ڪيستائين آزمائيندا؟
لاهور ۾ پنجاب جي وزيرِ اعليٰ مريم نواز ۽ ن ليگ قائد نواز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ هارين کي ٽيوب ويل لاءِ سولر پئنل ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان حوالي سان گڏيل پلان پڻ طلب ڪيو ويو آهي.
اجلاس ۾ نواز شريف طرفان هدايت ڪئي وئي ته ننڍن هارين جو مهانگي بجليءَ وارو مسئلو حل ڪيو وڃي، آءِ ايم ايف جي چوڻ تي بجلي ۽ گئس وڌيڪ ڪيتري مهانگي ٿيندي؟ عوام جي صدر کي ڪيستائين آزمائيندا؟
سندس چوڻ هو ته هارين کي سولر پئنل ڏيو، حڪومت جو پئسو مٿن خرچ ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته آبادگار کي سندس محنت جو نتيجو ملڻ گهرجي، آبادگارن کي ايجنٽن ۽ مل وارن جي استحصال کان بچايو وڃي.
اجلاس دوران پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته آبادگارن کي جديد مشينري ڏني ويندي، ڊرِپ ايريگيشن جو به جائزو ورتو ويندو، ڊرپ ايريگيشن سان پاڻي جي بچت ٿيندي ۽ لاڳت به گهٽ ايندي.
مريم نواز هدايت ڪندي چيو ته مهانگو ڀاڻ وڪرو ڪندڙ مافيا کي ظابطي ۾ آڻڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته خرچن ۾ گهٽتائي ۽ فصل جو صحيح معاوضو ملڻ سان هاري خوشحال ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.