پاڪستان ۾ به وومين ڪرڪيٽ ليگ ڪرائڻ جو مطالبو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽر سدرا امين چيو آهي ته پي ايس ايل جي موقعي تي گذريل سال نمائشي ميچون ٿيڻ سان فائدو ٿيو پر هلندڙ سال وومين ليگ نه ٿيڻ جو افسوس آهي.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ٽاپ آرڊر بيٽر سدا امين چيو ته پاڪستان وومين ڪرڪيٽرن لاءِ به ليگ ضروري آهي، اميد آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ان حوالي سان ضرور پالن ترتيب ڏيندو.
هن چيو ته هلندڙ سال وومين ليگ نه ٿيڻ جو افسوس آهي، پي ايس ايل جي موقعي تي گذريل سال نمائشي ميچون ٿيڻ سان فائدو ٿيو.
سندس چوڻ هو ته پرڏيهي پليئرز سان ڊريسنگ روم شيئر ڪيو، هنن وٽان گهڻو ڪجهه سکيو ۽ پاڪستان وومين ٽيم کي سيريز ۾ فائدو ٿيو.
ڪرڪيٽر جوچوڻ هوته پاڪستان وومين ڪرڪيٽرز جي مهارت ۾ پهريان کان وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي، ماضيءَ ۾ ڪجهه پليئرز پرڏيهي ليگ کيڏي چڪيون آهن.
هن چيو ته مان سمجهان ٿي ته پاڪستاني وومين ڪرڪيٽرز جلد پرڏيهي ليگز ۾ تسلسل سان کيڏندي نظر اينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.