پاڪستان جي ڳجهي اطلاع تي افغانستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان افغانستان اندر سرحدي علائقن ۾ ڳجهي اطلاع تي دهشتگردن خلاف آپريشن ڪيو آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب حافظ گل بهادر سان واسطو رکندڙ دهشتگرد گروپ آپريشن جو اهم ٽارگيٽ هو، اهو گروپ ڪالعدم ٽي ٽي پي سان گڏجي پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن جو ذميوار آهي.
هن چيو ته پاڪستان افغان عوام جو تمام گهڻو احترام ڪري ٿو، افغانستان ۾ اقتدار ۾ موجود ڪجهه عنصر ٽي ٽي پي جي سرپرستي ڪري رهيا آهن، پاڪستان ان پاليسي تي نظرثاني تي زور ڏئي ٿو.
سندس چوڻ هو ته دهشتگرد پاڪستان جي سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهن، دهشتگرد پاڪستاني حدن ۾ حملن لاءِ مسلسل افغان سرزمين استعمال ڪندا رهيا آهن.
پرڏيهي ترجمان چيو ته هڪ برادر ملڪ خلاف اهڙي قسم جو رويو ننڍي سوچ کي ظاهر ڪري ٿو، گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ افغان عوام لاءِ پاڪستان جي حمايت کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، کين گهرجي ته اهي پاڪستاني عوام سان گڏ بيهڻ جي واضح چونڊ ڪن.
هن چيو ته ڪالعدم ٽي ٽي پي جهڙا دهشتگرد گروهه علاقائي امن ۽ سلامتي لاءِ اجتماعي خطرو آهن، اسان ڪالعدم ٽي ٽي پي جي حوالي سان موجود خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ افغان اختيارين کي پيش چئلينجن کان چڱي ريت آگاهه آهيون، پاڪستان دهشتگردي خلاف گڏيل حل ڳولڻ ۾ ڪم جاري رکندو، پاڪستان ڪنهن به دهشتگرد تنظيم کي ٻه طرفا لاڳاپا متاثر ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ ڪم جاري رکندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.