ڇا رمضان ۾ هڪ کان وڌيڪ عمرا ڪري سگهجن ٿا؟ نئين پاليسي متعارف

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي حڪومت رمضان المبارڪ ۾ نئين عمره پاليسي متعارف ڪرائي ڇڏي، جنهن تحت رڳو هڪ ڀيرو ئي عمري جي اجازت هوندي.
سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت موجب رمضان المبارڪ ۾ ٻه يا ان کان وڌيڪ عمرا ڪرڻ لاءِ ڪو اجازت نامو جاري نه ڪيو ويندو، تنهن ڪري هاڻ رمضان ۾ رڳو هڪ ئي عمري جي اجازت هوندي.
ان حوالي سان وزارت وضاحت ڪئي ته پابندي جو مقصد ماڻهن جي رش کي گهٽ ڪرڻ ۽ وڌ کان وڌ ماڻهن کي مقدس مهيني ۾ عمري جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.